قانون واري وزارت جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قانون واري وزارت جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو.
قانون واري وزارت جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي ريٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن رد سمجهيو ويندو.
ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي ريٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
هن جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي جج جي عهدي تان هٽائڻ جو 11 آڪٽوبر 2018 جو نوٽيفڪيشن به واپس وٺڻ جي منظوري ڏني هئي.
صدر آصف علي زرداري قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويزن جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي ڏني هئي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.