وڏي وزير پاران سکر ڊويزن ۾ عوامي مسئلا مقامي سطح تي حل ڪرڻ جون هدايتون

سکر( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سکر ڊويزن ۾ عوام جا مسئلا مقامي سطح تي حل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سکر ڊويزن جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سکر ڊويزن جي صدر بچل شاهه، ضلعي صدر جاويد شاهه، مختلف نمائندن ۽ ٽڪيٽ هولڊرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ سينيٽرن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اجلاس جو مقصد سکر ڊويزن جي سمورن ضلعن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مقامي قيادت سان صلاح مشورا ڪرڻ ۽ نئين مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ آهي. سکر ڊويزن جا مسئلا سمجهڻ سان نوان ترقياتي پروگرام ٺاهڻ ۾ مدد ملندي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت آهي ته هر ضلعي کي برابر ترقي ڏني وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاهه سکر ڊويزن جي سمورن مڪاني ادارن کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.
هن چيو ته اسان جي ترجيح آهي ته عوام جا مسئلا حل ٿين، مڪاني کاتن جو ڪم آهي ته عوام جا مسئلا مقامي سطح تي حل ٿين.
هن هدايت ڪئي ته صاف پاڻي جي فراهمي، پاڻي نيڪال، صفائي تي ڌيان ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.