ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان کي سزا ملندي: وڏو وزير

سکر( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان کي سزا ملندي.
سکر ۾ سينيئر وزيرن سان پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جو مسئلو گذريل سال ڇو نه ٿيو؟ حالتون سٺيون آهن يا خراب، ان تي بحث نٿو ڪرڻ چاهيان.
هن چيو ته ڊسمبر 2023 کانپوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ شروع ٿيون، عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهرين گڏجاڻي ئي امن امان بابت ڪئي هئي، جيڪي هٿيار گهربل هئا انهن جي منظوري فيبروري ۾ ٿي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته آپريشن ۾ پنجاب پوليس جو سهڪار ڪيو جنهن ۾ ڌاڙيل ماريا ويا، حالتن ۾ بهتري آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ مقامي ماڻهن کان به مدد ورتي پئي وڃي.
وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جو حصو نه آهيون پر هر معاملي ۾ سپورٽ ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي بهتري سڀ کان پهريان سوچي وڃي، 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ ٻيهر بيهڻ ڏکيو هو، ٽن مهينن ۾ فنڊز گڏ ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.