جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو شادي لاءِ پنهنجي اباڻي علائقي ماديرا جي چونڊ ڪئي آهي، جتي ورلڊ ڪپ 2026 جي پڄاڻي کانپوءِ گرمين ۾ تقريب ٿيڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي فٽبال ڪلب النصر جي پرتگالي سپر اسٽار فٽبالر ۽ سندس 31 ورهين جي مڱيندي جارجينا روڊريگز جي شادي جي تقريب فنشل ڪيٿڊرل چرچ ۾ ٿيندي، جنهن کانپوءِ آجياڻو هڪ عاليشان هوٽل ۾ رکيو ويندو.
اهو چرچ رونالڊو جي اباڻي شهر جي قديم ترين عبادتگاهه آهي، جنهن جو افتتاح 511 سال اڳ 15هين صديءَ جي شروعات ۾ ٿيو هو.
اهو هنڌ رونالڊو لاءِ خاص جذباتي اهميت رکي ٿو، ڇو ته اها اسپتال ان کان رڳو ٻه ميل جي فاصلي تي آهي، جتي هو ڄائو هو، ان کانسواءِ رونالڊو جو ڪلب نيشنل دا ماديرا به ان ئي علائقي جي ڀرسان آهي.
Next Post
You might also like