گهٽ ماني کائڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هميشه کان عمر ۾ واڌ ۽ پوڙهائپ کي پري رکڻ ماهرن جي تحقيق جو موضوع رهيو آهي، تازو ان حوالي سان ڪيل تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رڳو بک ئي ميون وارين مکين جي عمر وڌائي سگهي ٿي.

آمريڪا جي مشي گن يونيورسٽي سان واڳيل ۽ ٻين محققن پنهنجي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ته مکين جي خوراڪ سان امائنو ايسڊ جا ماليڪيول ڪڍي يا ان جي دماغ ۾ کاڌي جي ترغيب ڏيندڙ حصي کي سرگرم ڪري ان کي بکيو ويو جنهن سان سندس زندگي وڌي وئي.

مطالعي ۾ شريڪ ليکڪ اسڪاٽ پليچر جو چوڻ هو ته اسان خوراڪ جي غذائيت بابت انهن نظرين کي شڪست ڏني آهي جن بابت ماهرر ڪيترن ئي سالن کان اهو چئي ڪم ڪري رهيا هئا ته خوراڪ تي ڪنٽرول ڪرڻ زندگي وڌائڻ جي ضرورت ناهي.

تحقيق ۾ خبر پئي ته وڌيڪ خوراڪ نه کائڻ جو تصور زندگي ۾ واڌاري جهڙن فائدن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

هن تحقيق لاءِ سائنسدانن ڪيترن ئي طريقن سان مکين ۾ بک پيدا ڪئي.

اهڙي طريقيڪار ذريعي هنن ٽيسٽ اسنيڪ فوڊ ۾ برانچڊ چين امائنو ايسڊ ماليڪيول جي مقدار کي تبديل ڪيو ۽ بعد ۾ مکين کي مٺن کاڌن تي آزاداڻي طور تي کاڌو کائڻ ڏنو ويو.

سائنسدانن ڏٺو ته بائي بي سي اي ايز وڍندڙ مکين جي ڀيٽ ۾ گهٽ بي سي اي اي اسنيڪ وٺندڙمکين مٺاڻ کان وڌيڪ ٻيو کاڌو کاڌو.

ماهرن وضاحت ڪئي ته مٺاڻ تي ٻئي کاڌي کي ترجيح ڏيڻ ضرورت تي ٻڌل بک ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.