عدليه ۾ مداخلت آهي (جسٽس اطهر) پوءِ هتي نه ويهو گهر هليا وڃو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جيڪو جج مداخلت ڏسي ڪجهه نه ڪري ان کي جج نه هجڻ گهرجي، گهر وڃي ويهي.
سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن طرفان عدليه ۾ مداخلت جي خط تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
اٽارني جنرل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سڀاڻي تائين وقت گهري ورتو.
جسٽس اطهر من الله پنهنجو لکيل واڌو نوٽ پڙهيو ته وفاقي حڪومت ايجنسيون ڪنٽرول ڪندي آهي، تنهن ڪري حڪومت الزامن جو جواب ڏئي، ان کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي، هاءِ ڪورٽ جي ججن نشاندهي ڪئي ته مداخلت جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها مطمئن ڪري.
پاڪستان بار ڪائونسل جي وڪيل دليل ڏنا ته معاملي تي جڊيشل جاچ چاهيون ٿا.
جسٽس اطهر من الله چيو 19-2018 ۾ هاءِ ڪورٽس جو سڀ کان وڏو چئلينج سپريم ڪورٽ جو مسئلن تي خاموشي اختيار ڪرڻ هو، لڳي ٿو ته پاڪستان بار ڪائونسل جيڪي سفارشون جوڙيون آهن، اهي هاءِ ڪورٽس جي جواب جي روشني ۾ ناهن، 76 سالن کان هن ملڪ ۾ ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، اسان خوفزده ڇو آهيون، سچ ڇو نٿا ڳالهايون، اسان کي عدليه ۾ مداخلت کي تسليم ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو مان ان دليل سان اتفاق نٿو ڪيان، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توهان کي هتي نه ويهڻ گهرجي، ڪير ائين چئي ته ان کي گهر وڃڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو جج ڪجهه نٿو ڪري سگهي ته گهر هليو وڃي.
جسٽس اطهر چيو رڳو مان نه اٽارني جنرل به اها ئي ڳالهه ڪئي آهي، حڪومت به مداخلت تسليم ڪري رهي آهي، سڀني هاءِ ڪورٽس 6 ججن کان به وڌيڪ سنگين جواب جمع ڪرايا آهن، ججن هاءِ لائٽ ڪيو ته مداخلت هڪ جاري سلسلو ۽ رجحان آهي، توهان ٻڌايو اهڙو ڪهڙو خوف پيدا ڪيو وڃي جو اهو سلسلو بيهي؟ اٽارني جنرل پاڻ مڃي چڪو آهي ته 2018 ۾ ڇا ٿي رهيو هو، 2018 ۽ 2019 ۾ هاءِ ڪورٽ جي آزاد ججن لاءِ وڏو چئلينج سپريم ڪورٽ جي ملي ڀڳت هئي.
جسٽس اطهر من الله چيو عوام کي حقيقت ٻڌائڻ کان نه ڊڄڻ گهرجي، اسان کي ملي ڀڳت جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، چيف جسٽس چيو جيڪڏهن ملي ڀڳت آهي ته پوءِ بئنچ ۾ ويهڻ جو ڪو جواز ناهي.
سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.