دپيڪا ۽ رنوير جي شادي خطري ۾ ؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان سندس شاديءَ جون سموريون تصويرون ڊليٽ ٿيڻ تي مداح سندن ازدواجي رشتي بابت ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن.
تمام جلد پنهنجي پهرئين ٻار کي دنيا ۾ ڀليڪار ڪندڙ جوڙي بابت ڇرڪائيندڙ خبرون گردِش ڪري رهيون آهن جن مداحن کي پڻ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
نومبر 2018ع ۾ شادي ڪندڙ جوڙي پنجن سالن کانپوءِ پنهنجي پهرئين ٻار جي پيدائش جو فيصلو ڪيو پر رنوير سنگهه جي هڪ عمل سندن ازدواجي رشتي مٿان ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار رنوير سنگهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان شاديءَ جون سموريون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان اِها دعويٰ سامهون آئي آهي ته اداڪار پنهنجي اڪائونٽ تي 2023ع کان اڳ هر تصوير ڊليٽ ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ جوڙي جي شاديءَ جا يادگار لمحا پڻ شامل هئا، جڏهن ته دپيڪا جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي نظر ڊوڙائي وڃي ته اتي سموريون تصويرون موجود آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، رنوير سنگهه جي اڪائونٽ تي پهرين پوسٽ 24 جنوري 2023ع جي آهي جڏهن ته آخري پوسٽ ۾ عاليا ڀٽ سان هڪ اشتهار آهي، جيڪو 26 اپريل 2024ع تي شيئر ڪيو ويو هو.
اهڙي عمل کانپوءِ افواهن جنم ورتو آهي ته دپيڪا ۽ رنوير کي ڪافي ود ڪرن گڏ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي ها ڇوته ان انٽرويوءَ دوران دپيڪا پنهنجي ماضيءَ جي سمورن افيئرز بابت انڪشاف ڪيا هئا جنهن تي رنوير دنگ رهجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.