سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد ڌرين ۾ جهيڙو، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو، ڇاپا، گرفتاريون

ڄامشورو: (نمائندو) سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن گروپن ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ھوائي فائرنگ, لٺين ۽ لتن مڪن جي استعمال سبب ٽن شاگردن سميت چار يونيورسٽي جا سيڪيورٽي گارڊ پڻ زخمي ٿي پيا ۽ آرٽ فيڪلٽي بلڊنگ ۽ سينٽرل لائبريري وارو علائقو جنگ جي ميدان وارو ڏيک ڏيڻ لڳو.

سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ اڳيان پي پي سپاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ٻن گروپن ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران شاگردن هوائي فائرنگ ڪرڻ سميت ھڪ ٻئي تي لٺين، ڪرسين، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي شاگرد زخمي ٿي پيا، جڏهن ته شاگردن کي ڇڏائڻ دوران يونيورسٽي جا 4 سيڪيورٽي گارڊ عرفان ڏاھاڻي، اياز ڀلائي، شھزاد بروھي ۽ شبير بليدي پڻ زخمي ٿي پيا.

ان دوران يونيورسٽي انتظاميا فوري طور پوليس کي طلب ڪندي ٽن شاگردن عادل ڏاھري, ساجد ابڙو, سجاد علي خيبر کي ٻن پسٽلن سميت حراست ۾ ورتو جن کي پوليس حوالي ڪيو ويو.

اطلاح تي ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو خير محمد ملاح جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا پهتا جن يونيورسٽي انتظاميا پاران حراست ۾ ورتل ٽن شاگرن کي گرفتار ڪرڻ بعد يونيورسٽي تي چڙھائي ڪري هاسٽل جي روم 70 تان ٻن شاگردن عرفان علي جعفري ۽ شڪيل احمد ابڙو کي گرفتار ڪيو.

ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو صحافين کي ٻڌايو ته يونيورسٽي انتظاميا جي اجازت سان انٽرنيشنل بوائز هاسٽل تي شاگردن جي گرفتاري لاءۡ ڇاپا هنيا.

هن چيو ته گرفتار ڪيل شاگردن تي تعليمي اداري ۾ ھٿيارن جي نمائش ۽ حراس پکيڙڻ جي ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي.

ھوڏانھن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻن گڏيل طور تي يوبيورسٽي ۾ ٿيل فائرنگ واري واقعي کي سازش قرار ڏيندي بيان جاري ڪيو آهي ته يونيورسٽي جي پرامن ماحول کي ھٿ سان خراب ڪري فورسز کي وري ٻيھر سنڌ يونيورسٽي پاور فل ڪرڻ جو جواز پيدا ڪيو پيو وڃي جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.