ڀارت ۾ افغان قونصل جنرل مبينا طور سون سمگل ڪندي پڪڙجي پئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ افغانستان جي قونصل جنرل ذڪيه وردڪ مبينا طور 1.9 ملين ڊالر ماليت جو سون سمگل ڪرڻ جي ڪوشش دوران پڪڙجي پئي پر سفارتي ڇوٽ هجڻ سبب کيس گرفتار نه ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ايئرپورٽ تي انٽيليجنس اختيارين شڪ جي بنياد تي ذڪيه وردڪ ۽ سندس پٽ جي سامان جي تلاشي ورتي هئي ۽ 25 ڪلو سون برآمد ڪري ضبط ڪيو ويو.
ان واقعي کانپوءِ ذڪيه وردڪ سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ استعيفيٰ جو اعلان ڪيو.
هن استعيفيٰ جو ڪو واضح ڪارڻ نه ٻڌايو پر پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته گذريل هڪ سال دوران منهنجي ذات تي ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.