” بابي سان ڪيئي مهينا ملاقات نه ٿيندي هئي، مائٽ ڏاڍو ڪُٽيندا هئا “ سني ۽ بوبي جا انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار سني ديول ۽ بوبي ديول انڪشاف ڪيو آهي ته هنن پيءُ جي غير موجودگيءَ ۾ مائٽن هٿان ڏاڍي مار کاڌي آهي.
ويجهڙ ۾ ٻنهي ڀائرن مشهور ڪاميڊي شو ” دي گريٽ انڊين ڪپل شرما شو “ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي ننڍپڻ جون ياديون تازيون ڪيون جنهن جون وڊيو ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
ٻئي ڀائر ڪيئي انٽرويوز ۾ ٻڌائي چڪا آهن ته هو ننڍپڻ ۾ پنهنجي پيءَ ليجنڊري اداڪار ڌرميندر کان ڪيترو ڊڄندا هئا.
ان حوالي سان شو جي ميزبان ڪپل شرما ٻنهي ڀائرن کان سوال ڪيو ته سندن والد سخت مزاج هو يا اوهان پنهنجي پيءَ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ٻارن سان سخت رويو رکندا آهيو؟
جنهن جواب ۾ سني ديول هڪ سخت مزاج پيءُ هئڻ جو اعتراف ڪيو، هن گڏيل خاندان ۾ پروش حاصل ڪرڻ بابت پڻ ڳالهايو جتي هو مائٽن هٿان آئي ڏينهن مار کائيندا هئا.
سني ديول چيوته بابو سخت مزاج هو، اسان به سخت آهيون پر هو شوٽنگ ۾ ايترو رڌل رهندو هوته اسان جي ساڻس ملاقات گهٽ ٿيندي هئي، اسان جي جوائنٽ فيملي هئي، ڪو اهڙو ڀاتي نه هوندو جنهن مون تي هٿ صاف نه ڪيو هجي.
هن وڌيڪ چيو ته ننڍپڻ ۾ وارين وارتائن جي نتيجي ۾ مان اڄ اهڙو آهيان، جنهن تي بوبي مٿس ٺٺول ڪندي چيو ته انڪري هاڻي هو سئو کان ٻه سئو ماڻهن سان به وڙهي پوندو آهي ڇو جو ته هن ننڍپڻ ۾ مار کاڌي آهي.
شو دوران سني ديول اِهو به ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان راند کيڏندي زخمي ٿي پوندا هئاسين ته امان ماريندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.