اي آءِ ذريعي ڪنٽرولڊ ويڙهاڪ جهاز انساني مهارتن کي مات ڏئي ڇڏي

آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
هاڻ اِها ٽيڪنالوجي جنگي جهازن جي ويڙهه ۾ به انسانن کي پوئتي ڇڏڻ لڳي آهي.
آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اي آءِ ٽيڪنالوجي ذريعي ڪنٽرول ڪئي ويندڙ ايف 16 جنگي جهازن انساني پائليٽس کي ڊوگ فائٽس ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جي هڪ بيس تان مصنوعي ٽيڪنالوجي ذريعي ڪنٽرولڊ جنگي جهاز آزمائشي اُڏام پوري ڪئي هئي.
آزمائشي اُڏام دوران اي آءِ ذريعي ڪنٽرولڊ ايف 16 هڪ ڪلاڪ تائين 550 ميل کان وڌيڪ جو سفر طئي ڪيو.
جيتوڻيڪ فلحال هي اي آءِ سسٽم شروعاتي مرحلي آهي پر فضائي جنگ جي مختلف طور طريقن ۾ انساني پائليٽس کان اڳتي نڪرڻ قابل ٿي ويو آهي.
آمريڪي هوائي فوج طرفان اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي ڇو جو سندن خيال آهي ته اي آءِ سموري دنيا ۾ جنگي ڪارروائين کي بدلائڻ واري ٽيڪنالوجي آهي.
جنگي جهازن جي آزمائشي اُڏام ۾ آمريڪي هوائي فوج جي سيڪريٽري فرينڪ ڪينڊل پڻ سوار هو، هن چيو ته آزمائشي اڏام دوران هن جيڪو مشاهدو ڪيو، ان مان اشارو ملي ٿوته اِها ٽيڪنالوجي ڪنهن به جنگ ۾ هٿيارن جي پاڻمرادو چونڊ ڪري سگهي ٿي.
ٻئي پاسي ماهرن جو چوڻ آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي کي پاڻ فيصلي ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ معصوم زندگين جي زيان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.