بلوچستان جي بنجر زمينن کي زرعي پيداوار ۾ واڌ جي قابل بڻائينداسين: صدر آصف زرداري

ڪوئيٽا ( رپورٽ : يار محمد بروهي )  صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي سرڪاري دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي گورنر بلوچستان جعفر خان مندو خيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي،  صنعت ۽ واپار واري صوبائي صلاحڪار مير علي حسن زهري، صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن صدر جو استقبال ڪيو. صدر جو عهدو سنڀالڻ بعد هي بلوچستان جو پهريون دورو آهي.  صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن مير صادق عمراڻي، علي مدد جتڪ، مير ظهور بليدي، سردار عبدالرحمان کٽياڻ، مير سليم کوسو، فيصل جمالي، بلوچستان اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر غزاله گولا ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلين شرڪت ڪئي. ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ نواب ثناءُ الله زهري. صنعت ۽ واپار واري صوبائي صلاحڪار مير علي حسن زهري سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. صدر کي بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. صدر کي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري وڏي وزير سرفراز بگٽي پاران ڏنل ڊنر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي بنجر زمينن کي زرعي پيداوار ۾ اضافي جي قابل بڻائينداسين،بلوچستان جي معدني وسيلن کي جديد طريقي سان ڪڍڻ جي ضرورت آهي،صوبن کي حق ڏيڻ لاءِ ارڙهين ترميم منظور ڪئي وئي،هن چيو ته بلوچستان ۾ تيل ۽ گئس موجود آهن پر اسان اڄ تائين ان شعبي کي جديد طريقن تي نه آڻي سگهياسين،بلوچستان معدني وسيلن ۽ سامونڊي پٽي سبب خاص اهميت رکي ٿو،بلوچستان کي ترقي ۽ خوشحالي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.