سي ايس ايس امتحان سنڌ جي تعليم جي معيار جو نظام وائکو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (محسن ٻٻر)تازو ئي سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري اي ايس پي بڻجندڙ ڪشمور واسي نياڻي صبا زين ٻپڙ چيو آهي ته سنڌ جي تعليم جو معيار پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان تمام گهڻو پوئتي پيل آهي. اتان جي سي ايس ايس جي تياري وارا مرڪز اعلي’ معيار جا آهن، پر سنڌ ۾ اهڙا ناهن. جيڪڏهن اسان به اهڙوڪلچر وڌايون ته سنڌ جا نوجوان به انهن سان مقابلو ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته رهنمائي نه هجڻ ڪري سنڌ جا نوجوان ان امتحان ۾ گهٽ پاس ٿين ٿا. اسان وٽ سي ايس ايس جا مضمون پڙهائيندڙ ماهر به ناهن، جڏهن ته پنجاب ۾ وڏا ماهر موجود آهن، جنهن جي ڪري هتان جا نوجوان سي ايس ايس جي تياري لاءِ لاهور ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندا آهن. هن چيو ته سماج جي سوچ جي ڪري سي ايس ايس آفيسرن جو مقصد ملڪيتون ٺاهڻ سمجهيو پيو وڃي.

  1. سي ايس ايس امتحان: ڪراچي مان رڳو 7 اميدوار ڪامياب ٿيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڪيل سي ايس ايس امتحان جي ڪامياب اميدوارن جي لسٽ ۾ ڪجهه حيرت ڪندڙ حقيقتون سامهون آيون آهن، ڪوٽا جي حساب سان سڀ کان گهٽ چونڊيل اميدوارن جو سنڌ جي شهري علائقن خاص طور تي ڪراچي مان رڳو 7 جڏهن  ته سنڌ ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڪامياب اميدوارن جو انگ 32 آهي، سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جو تعلق پنجاب سان آهي جن جو انگ 128 آهي،بلوچستان جي 31،خيبرپختونخوا 20،آزاد ڄمون ڪشمير 5  ۽ گلگت بلتستان ۽ اڳوڻي فاٽا مان 4 ڪامياب اميدوار شامل آهن، امتحان ۾ 13 هزار اميدوار شريڪ ٿيا جن مان 386 ڪامياب ٿيا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.