اوور بلنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اوور بلنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته اوور بلنگ ڪندڙ آفيسرن خلاف بنا فرق ڪارروائي جاري رکي وڃي.
هن چيو ته ڊسڪوز جي نااهلي ۽ لاپرواهي تي شهرين کي سزا ڏيڻ قبول ناهي، بجلي چورن خلاف به ڪارروائي جاري رکي وڃي.
محسن نقوي جو چوڻ آهي ته بجلي چوري ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.