ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبليءَ جي 14 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ گهري ورتي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ اسيمبليءَ جي 14 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم ذريعن موجب، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ گهرو وزير ضياءَ لنجار سان ايم ڪيو ايم وفد ملاقات ڪئي جنهن دوران ايم ڪيو ايم وفد ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي، افتخار عالم ۽ جمال احمد شامل هئا.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن دوران ايم ڪيو ايم 14 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ جو مطالبو ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان گهرو وزارت، تعليم، صحت، صنعت ۽ بدليات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ گهري ورتي آهي.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي ان معاملي تي قيادت سان صلاح مشوري کانپوءِ جواب ڏيڻ جو چيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.