گنڊاپور جي اسلام آباد تي چڙهائي واري بيان تي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي: فيصل ڪريم

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي واري علي امين گنڊاپور جي بيان تي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، هو اهڙا بيان پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي.
خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري، گل رکي فاتحه خواني ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، صوبي ۽ وفاق وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪنداسين. صوبي ۽ مرڪز ۾ وٿي سان عوام کي ڏکيائيون ٿينديون آهن.
گورنر ڪي پي چيو ته صوبي جي رهتن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس، اسان ڪي پي جو ڪيس وڙهيو آهي، ڪوشش هوندي ته نفرتون نه وڌن.
فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور جي اسلام آباد تي چڙهائي واري بيان تي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، علي امين گنڊاپور پنهنجي نااهلي ۽ ڪوتاهي لڪائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.