ڳڙهي ياسين ويجهو مهر ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڳڙهي ياسين ( ويب ڊيسڪ ) ڳڙهي ياسين ويجهو مهر ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.
ڊکڻ ناڪي تي مهر برادري جي هٿياربندن حملو ڪري انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي سبب آصف علي معرفاڻي، محمد علي معرفاڻي ۽ دوڪان تي مزدوري ڪندڙ سعيد احمد جمالي موقعي تي مارجي ويا.
فائرنگ ۾ شبير احمد ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو.
واقعي بعد ڳڙھي ياسين پوليس ۽ شهرين لاش ۽ زخمي اسپتال پهچايا.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻن ڄڻن جي قتل بعد مهر ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تي تيز ٿي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.