اسلام آباد( جهانزيب عباسي+ذوالفقار گراماڻي)خير پختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳندو يا ايمرجنسي لڳائڻ بابت ميڊيا ۾ ڪجهه ڏينهن کان وڏو بحث هلي رهيو آهي . پر ان وچ ۾ بهرحال ڪجهه اهڙو ته ٿي رهيو آهي جو ظاهري طور واضح به نه پيو ٿئي، باخبر حلقا اشارو ڏئي رهيا آهن ته ڇا ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي ميڊيا تي بحث پٺيان نون صوبن جي جوڙجڪ جي حوالي سان ڪا گفتگو يا بحث هلي رهيو آهي؟ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري اعلان ڪيو هو ته آڪٽوبر جي مهيني ۾ پارليامينٽ ۾ نون صوبن جي حوالي سان بحث ڪرايو ويندو،ملاقاتن جا سلسلا شروع ٿي ويا آهن، محسن نقوي جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جڏهن ته وزيراعظم جي صدارت ۾ مشاورتي اجلاس ٿي رهيا اهن، انهن سڀني خبرن جي ترديد اچي رهي آهي.ٻئي طرف شرجيل ميمڻ محسن نقوي ۽ صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات جي ترديد ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي اڳواڻن نويد قمر ۽ شيري رحمان سان اسپيڪر اياز صادق جي ملاقات ٿي آهي ،ٻنهي پارٽين ۾ ڊيڊ لاڪ جي ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي. ذريعن موجب ان ملاقات اندر جيڪڏهن ڪجهه شيون طئي ٿين ها ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿي وڃي ها ،يعني نوٽيفيڪيشن اچي ها ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 4 يا 5 آڪٽوبر تي رکيو ويو آهي، پر ان جي تاريخ نٿي اچي.پ پ اڳواڻن اسپيڪر سان ملاقات ۾ اعظم نذير تارڙ ۽ باقي وفاقي وزيرن کي چيو آهي ته قانون سازي بابت اسان کي ڪو ڊرافٽ (مُسوّدو) ڏيو، ڪا اهڙي لک پڙهه ڏيو ته جيئن اسان ان جو جائزو وٺي سگهون ته هي قانون سازي ڪهڙي آهي؟. ائين ته ناهي جو سڀاڻي اوهان قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ۽ اڄ ڪا اهڙي شئي ٻڌايو جنهن تي اسان ڪو ڪم به نه ڪري سگهون. ان بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن ان تي ڪو حل ناهي ڪڍيو ۽ چيو آهي ته وزيراعظم يا مسلم ليگ ن سان مشاورت کان پوءِ ٻڌائينداسين.انهن ڳالهين مان نظر اهو اچي رهيو آهي ته صرف لانگ مارچ جو معاملو ناهي، ياڪي پي اندر صرف گورنر راڄ يا ايمرجنسي جو معاملو ناهي، معاملا ان کان به اڳتي آهن. رانا ثناءُالله جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ٿي آهي.جڏهن ته وزيراعظم پاران مشاورتي اجلاس جي پس منظر ۾ صدر آصف علي زرداري سان هن جي ملاقات متوقع آهي، جنهن جو اڃا تائين انتظار آهي. پر هيل تائين اطلاعن موجب صدر زرداري اسلام آباد نه پهتو آهي، انگريزي اخبار ڊان موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ چئن بلن جي معاملي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، انهن ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي ترميمي بل،گوادر پورٽ اٿارٽي ترميمي بل،ڪراچي پورٽ اٿارٽي ترميمي بل ۽ لائيف انشورنس نيشنلائيزيشن ترميمي بل شامل آهن،اخبار موجب ٽن بلن تي پاڪستان پيپلز پارٽي راضي آهي، جڏهن ته هڪ بل تي في الحال متفق ناهي. هڪ ٻئي ذريعي موجب هي قانون سازي اصل ۾ آءِ ايم ايف ڳنڍيل آهي. ٻئي پاسي نون صوبن واري معاملي تي پيپلز پارٽي انڪاري آهي. گوادر پورٽ ۽ ڪراچي پورٽ کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي قانون سازي کان انڪار ڪيو آهي. گورنرراڄ يا ايمرجنسي تي به پيپلز پارٽي انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي هڪ آئيني ۽ جمهوري پارٽي آهي، پر جڏهن پريشر اچي ٿو ته 26هين ترميم، 19هين ترميم، 27هين ترميم به ڪري ٿي.