پي اي سي سنڌ ڪراچي جي ٽائونن کي ملندڙ رقمن جا تفصيل گهري ورتا

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي سمورن ٽائونن کي روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ ڪيترا ارب رپيا مليا آھن ۽ اهي اربين رپيا ڪٿي خرچ ڪيا ويا؟ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ڪراچي جي سمورن ٽائونز کان تفصيل طلب ڪندي مڪاني ادارن واري کاتي کي سمورن ٽائونز ۾ ترقياتي ڪمن جي نگرانيءَ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.خميس ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کھڙو جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ٿيو جنهن ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جي آفيسرن ۽ مختلف ٽائونن جي ٽائون ميونسپل ڪمشنرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جناح جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو.پي اي سي جي چيئرمين نثار احمد کھڙو جناح ٽائون جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته جناح ٽائون ۾ ڪيتريون اين آءِ ٽيز ڪري ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن؟جنهن تي ٽائون ميونسپل ڪمشنر جناح ٽائون ٻڌايو ته روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ جناح ٽائون کي 80 ڪروڙ رپيا مليا آهن جن مان روڊن ۽ ٻين ترقياتي ڪمن لاءِ 30 ڪروڙ رپين جون اين آءِ ٽيز ڪرايون ويون آهن.نثار احمد کھڙو چيو ته 30 ڪروڙ رپين جي اين آءِ ٽيز تحت ٽائون ۾ ڪهڙيون ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون آهن انهن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي.ان موقعي تي مڪاني ادارن واري کاتي جي آفيسرن پي اي سي کي ٻڌايو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي ٽائونن کي مختلف وقتن تي سوئي گئس سميت ٻين ادارن کان روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ مختلف رقمون ملنديون رهيون آهن پر مڪاني ادارن وارو کاتو ۽ ٽائونن جا آفيسر پي اي سي کي روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ مليل رقم ۽ ان جي استعمال بابت تفصيل فراهم نه ڪري سگهيا.پي اي سي سوئي سدرن گئس ۽ ٻين ادارن کان ڪراچي جي سمورن ٽائونن کي روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ مليل اربين رپين ۽ انهن جي استعمال بابت سمورن ٽائونن کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.پي اي سي جي چيئرمين هدايت ڪندي چيو ته ڪراچي جي ڪهڙي ٽائون کي روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ ڪيترا ارب رپيا مليا ۽ اها رقم ڪهڙي مد ۾ ۽ ڪٿي خرچ ڪئي وئي ان بابت ٽائون وار تفصيل فراهم ڪيا وڃن.اجلاس ۾ جناح ٽائون انتظاميا پاران 4 لک 4 لک رپين جي چئن ڪوٽيشنن ذريعي في گٽر جو ڍڪڻ 5 هزار رپين ۾ خريد ڪرڻ ۽ مجموعي طور 19 لک رپين جا گٽرن جا ڍڪڻ خريد ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو.جناح ٽائون جي ميونسپل ڪمشنر پي اي سي کي ٻڌايو ته جناح ٽائون ۾ ڪوٽيشن ذريعي 19 لک رپين جا گٽرن جا ڍڪڻ خريد ڪري لڳايا ويا آهن جڏهن ته في ڍڪڻ 5 هزار رپين ۾ خريد ڪيو ويو.پي اي سي جي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته 19 لک رپين ۾ ڪيترا گٽرن جا ڍڪڻ خريد ڪيا ويا ۽ اهي ٽائون ۾ ڪٿي ڪٿي لڳايا ويا آهن؟جنهن تي جناح ٽائون جي ميونسپل ڪمشنر ٻڌايو ته يوسي 5 يوسي 7 ۽ يوسي 8 ۾ گٽرن جا ڍڪڻ لڳايا ويا آهن.چيئرمين پي اي سي نثار احمد کھڙو چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جا ٽائون لکين رپين جا گٽرن جا ڍڪڻ خريد ڪري گٽرن تي لڳائي رهيا آهن ته پوءِ گٽرن تي ڍڪڻ نه هجڻ ۽ ٻارن جي گٽرن ۾ ڪرڻ جا واقعا ڇو پيش اچي رهيا آهن؟ پي اي سي ٽائونن کان گٽرن جي ڍڪڻن جي خريداري ۽ ڍڪڻا لڳائڻ بابت پڻ تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

You might also like