ننڍي عمر ۾ ڪيل قتل تي موت جي سزا مليل عورت زهريلي سُئي هڻڻ باوجود بچي وئي!

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ ٽي ڏهاڪا اڳ پنهنجي هم ڪلاس کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ قيدي عورت، سزا تي عمل دوران زهر جو انجيڪشن لڳائڻ باوجود جيئري بچي وئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪرسٽا پائيڪ نالي موت جي سزا ماڻيندڙ قيدي عورت کي اربع جي رات زهر جو انجيڪشن ڏئي موت جي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ناڪام ٿي وئي.

جيل اختيارين موجب پائيڪ ان عمل دوران جيئري بچي وئي، جنهن سان رياست طرفان ٻن صدين دوران ڪنهن عورت کي موت جي سزا ڏيڻ جي پهرين ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.

خابرو اداري موجب هن تڪليف ڏيندڙ عمل کان پوءِ پائيڪ جي حالت بابت فوري طور تي ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو. اهو پڻ واضح ناهي ته نيشوِل جي ريوربينڊ وڌ کان وڌ حفاظتي جيل مان طبي امداد لاءِ منتقل ڪرڻ کان پوءِ سندس وڪيل يا رياست اڳتي ڪهڙو قانوني رستو اختيار ڪندا.

واضح رهي ته ڪرسٽا پائيڪ جا وڪيل ۽ انساني حقن جا ماهر سندس موت جي سزا جي مخالفت ڪري رهيا هئا. سندن موقف هو ته ڏوهه وقت پائيڪ جي عمر گهٽ هئي، هوءَ ننڍپڻ ۾ جنسي زيادتي جو شڪار ٿي هئي ۽ سندس ذهني بيمارين جو علاج به نه ٿيو هو.

اختيارين هڪ بيان ۾ چيو ته موت جي سزا تي عمل دوران اٽارني جنرل جي آفيس طرفان منظور ڪيل قانوني طريقيڪار جي هر قدم تي مڪمل طور عمل ڪيو ويو.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته طريقيڪار ۾ شامل زهر جو انجيڪشن هميشه اثرائتو رهيو آهي ۽ ان طريقيڪار ۾ اڄ رات ڪيل عمل کان سواءِ ڪنهن اضافي ڪارروائي جي اجازت ناهي.

ٽينيسي جي گورنر بل لي، جنهن سومر ڏينهن ڪرسٽا پائيڪ جي رحم جي اپيل رد ڪئي هئي، هن ناڪام ڪوشش کان پوءِ هلندڙ سال رياست ۾ ٿيندڙ سمورين موت جي سزائن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

هي ناڪام ڪوشش آمريڪي سپريم ڪورٽ طرفان هيٺين عدالت جي ان حڪم کي ختم ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ ڪئي وئي، جنهن ۾ آخري گهڙيءَ ۾ موت جي سزا روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

ٽينيسي ۾ ۲۰۰ سالن کان وڌيڪ عرصي دوران موت جي سزا کي منهن ڏيندڙ پهرين عورت هجڻ سان گڏ، ڪرسٽا پائيڪ جديد آمريڪي موت جي سزا واري تاريخ ۾ اها واحد قيدي عورت بڻجڻ واري هئي، جنهن کي نوجوانيءَ ۾ ڪيل ڏوهه تي ٽينيسي ۾ موت جي سزا ڏني وڃي ها.

ياد رهي ته هلندڙ سال ٽينيسي ۾ موت جي سزا تي عمل ڪرائڻ جي هي ٻي ناڪام ڪوشش آهي. ان کان اڳ مئي ۾ به جيل اختيارين هڪ قيدي کي زهر جو انجيڪشن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيا هئا، ڇاڪاڻ ته کين مناسب رڳ نه ملي سگهي هئي.

You might also like