اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته حڪومت طرفان سڀاڻي ملاقات جو پيغام مليو آهي.
پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ اپوزيشن جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلي جي روشني ۾ حڪومتي پيغام قبول ڪري ورتو آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جي وفدن جي سڀاڻي ڏينهن جو 12 وڳي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آفيس ۾ ملاقات ٿيندي.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.
ذريعن موجب، راڻا ثناءُالله پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته معاملن کي سياسي طور حل ڪيو وڃي، اپوزيشن اڳواڻن جي مشاورت دوران ئي راڻا ثناءُالله جي ڪال آئي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر اپوزيشن اڳواڻن کي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ۽ راڻا ثناءُالله جي رابطي کان آگاهه ڪيو.