اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اپوزيشن اتحاد پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 4 آڪٽوبر واري لانگ مارچ جي حوالي سان حڪومت سان ڳالهين جو آپشن برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لانگ مارچ بابت ايندڙ حڪمت عملي، خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي خبرن سميت ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.اجلاس ۾ حڪومت سان ڳالهين جو آپشن پڻ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻن لانگ مارچ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گورنر راڄ توڙي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ وارين خبرن تي به غور ڪيو.اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو ته ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ امن امان جي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مسئلن جو حل طاقت نه پر سياسي ڳالهيون آهن.پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اجلاس ۾ لانگ مارچ سان گڏ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي جي خبرن تي به غور ڪيو ويو. حڪومت طرفان هن وقت تائين ڪو باضابطه رابطو ناهي ڪيو ويو.هن چيو ته عوام جي مرضي خلاف قدمن سان وفاق ڪمزور ٿيندو، اپوزيشن پنهنجا سمورا خدشا حڪومتي نمائندن آڏو رکي چڪي آهي ۽ اسان اڃا به ڳالهين لاءِ تيار آهيون.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي ملاقات واري معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. محمود خان اچڪزئي وزيراعظم جي خط جو جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر وزيراعظم آفيس يا وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.اپوزيشن اتحاد جو چوڻ هو ته احتجاج پرامن هوندو ۽ ڳالهين جا دروازا پڻ کليل رهندا.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته شهباز شريف غيرقانوني وزيراعظم آهي ۽ کيس عوام جو مينڊيٽ حاصل ناهي. هن چيو ته مان شهباز شريف سان ڪنهن وڻ هيٺان ملاقات ڪري سگهان ٿو، پر وزيراعظم هائوس، اسپيڪر جي گهر يا وزيراعظم چيمبر ۾ ملاقات لاءِ نه ويندس.هن اها ڳالهه وزيراعظم شهباز شريف طرفان ٻيهر ملاقات جي دعوت جي جواب ۾ ڪئي.محمود خان اچڪزئي چيو ته هو مسلم ليگ (ن) جي ڪنهن به ميمبر جي گهر تي شهباز شريف سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومتي ٽيم طرفان ملاقات جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.