پاڪستان ۾ هلندڙ سال 18 لک ٽن ڪڻڪ وڌيڪ پيدا ٿيڻ جو امڪان ظاهر

لاهور ( م ڊ )  خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته  پاڪستان ۾ هلندڙ سال 18 لک ٽن ڪڻڪ وڌيڪ پيدا ٿيندي.ذريعن موجب پاڪستان ۾ هر شهري ساليانو 115 ڪلو اٽو استعمال ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۾ ڪڻڪ جو ساليانو استعمال 2 ڪروڙ 8 لک ٽن آهي، جڏهن ته چئني صوبن ۾ هن سال ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف 3 ڪروڙ 21 لک ٽن مقرر ڪيو ويو آهي. پر هن سال 2 ڪروڙ 96  لک ٽن ڪڻڪ جي پيداوار جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب کي 12 ڪروڙ 78 لک ماڻهن لاءِ 1 ڪروڙ 47 لک ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي ۽ پنجاب کي ٻج لاءِ 8 لک 72 هزار ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي، جڏهن ته پنجاب جي ڪڻڪ جي ضرورت 1 ڪروڙ 55 لک 55 هزار ٽن آهي.

  1. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پرويز الاهيءَ کي جيل مان گهر منتقل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( بيورو + م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي اسپتال منتقل ڪرڻ يا گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر چوڌري پرويز الاهي جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ ۽ علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  جسٽس ارباب محمد طاهر پرويز الاهي کي اسپتال منتقل ڪرڻ يا گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جي درخواست منظور ڪندي گهرو وزارت کي حڪم ڏنو ته پرويز الاهي کي گهر ۾ نظربند رکڻ جو عمل 15 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو وڃي ، جسٽس ارباب محمد طاهر فيصلي ۾ پرويز الاهي کي سندس مرضي موجب طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ڏنا ته پرويز الاهي 78 سالن جو ٿي ويو آهي، سندس علاج جو معاملو به ڏسو. ياد رهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي اسپتال منتقل ڪرڻ يا سندس گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جي درخواست پرويز الاهي جي گهرواري داخل ڪئي هئي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.