فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جو مقصد ڄڻ جنرل فيض کي آجو ڪرڻ هو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لڳي ائين ٿو ڄڻ جنرل فيض کي آجو ڪرڻ لاءِ سڀ ڪيو ويو، ڪميشن جو ميڊيٽ  ڄڻ فيض حميد کي آجو ڪرڻ هو. چيف جسٽس ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته آئوٽ آف وي وڃي هن جينٽلمين کي رپورٽ ۾ بري ڇو پيو ڪيو وڃي؟ ڇا ته خوبصورت اتفاق هو جو نظرثاني جون ايڏيون درخواستون داخل ٿيون، ڪنهن نظر ثاني جي منظوري ڏني هوندي، وڪيل ڪيو ويو هوندو، سڄو پيپر ٽريل ڪٿي آهي؟ هي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي، ڇو ملڪ جو وقت ضايع ڪيو ويو. فيض آباد ڌرڻي بابت ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو وڃي ها ته نوَ مئي جا واقعا نه ٿين ها. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ پڙهي ٻڌائي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪميشن ڪا به فائنڊنگ نه ڏني، اسان جو وقت ڇو وڃائي رهيا آهيو، 15 نومبر 2023ع وارو اسان جو آرڊر به پڙهو، اوهان 2019ع وارو آرڊر پڙهي رهيا آهيو، 2023ع وارو آرڊر پڙهو، اڳتي پڻ پڙهو پاڪستان ٺهو ڪيئن ۽ تباهه ڪيئن ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ جو 15 نومبر 2023 وارو فيصلو پڙهي ٻڌايو .جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هي سڀ 2007ع کان شروع ٿيو ۽ اسان 2024ع ۾ پهچي ويا آهيون، سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، احتجاج ڪرڻ جهموري حق آهي پر ڪميشن ڇا ڪيو؟ هن وڌيڪ چيو ته هڪ انسان جو قتل سموري انسانيت جو قتل آهي، ڪراچي ۾ 55 ماڻهو مري ويا، ڪائي ڳالهه ناهي، نوَ ورهين جو ٻارڙو مري ويو ڪائي ڳالهه ڪونهي، فلسطين جي حوالي سان سموري دنيا ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن، يورپ ۾ به پُرامن مظاهرا ٿي رهيا آهن، انهن ڇا ڪيو آهي؟ ڪميشن وارا تقرير ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس چيو ته اوهان پارليامان آهيو نه حڪومت، آئين ته شهرين کي چر پر جي اجازت ڏئي ٿو، چر پر جي اجازت ته آئين ڏئي ٿو، اسان روڪي رهيا آهيون، اِهو چئي رهيا آهيون ته هي پنجاب کان اسلام آباد اچي ئي نٿا سگهن، مون کي ته رپورٽ پڙهي تعجب ٿئي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ جملو ته صحيح لکو ها ته اِها ڀڃڪڙي ڪنهن ڪئي.چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته هجوم پٿراءُ ۽ گاڏين کي باهيون ڏئي رهيو هو، اوهان جي ان ۾ ڪا به مداخلت نه هئي، ٻڌائڻ گهرجي ته جيڪڏهن اوهان آءِ جي تي ذميواري وجهي رهيا آهيو ته لکو، ان وقت پنجاب جو آءِ جي ڪير هو، ڪميشن ۾ ناهي ڄاڻايو ويو ، هيءَ ڪهڙي قسم جي رپورٽ آهي، ڪميشن ڇا لکيو آهي اي بي سي ئي لکو ها، رپورٽ ۾ هڪ پاسي وفاقي حڪومت ۽ وري صوبائي حڪومت لکيل آهي، ڏنڊا هڻڻ گهرجن يا گوليون هڻڻ گهرجن، ڇا ڪرڻ گهرجي؟ رپورٽ ۾ ڪائي سنجيدگي نظر نه پئي اچي. چيف جسٽس چيو ته رپورٽ ڪي سفارشون ئي ڏيو ها، جنهن تي اٽارني جنرل عثمان اعواڻ ڪميشن رپورٽ بابت اعتراف ڪندي چيو ته ان ۾ ڪي به سفارشون نه آهن. چيف جسٽس فيض آباد ڌرڻو ڪميشن رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انگريزي پهاڪا استعمال ڪرڻا آهن ته چڱي نموني ته استعمال ڪريو، هي ڇا آهي، ان جو اِن پُٽ ڇا آهي؟ هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عملدآمد ڪيو وڃي ها ته نوَ مئي جا وقعا نه ٿين ها، ڪيڏو نه خوبصورت اتفاق هو سڀني ڌرين نظرثاني درخواستون واپس وٺي ڇڏيون، ڇا ڪميشن نظرثاني درخواستون واپس وٺندڙن کان سوال ڪيا؟ پوري رپورٽ ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ڪميشن انهن کي سڏايو آهي؟ ٽي ايل پي ڪيس ۾ هڪ ڌر هئي، ڇا ٽي ايل پي مان ڪنهن کي سڏايو ويو، ٽي ايل پي وارن کي ئي سڏايو ها اُهي شايد مدد ڪن ها. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جن وٽان هٿيار هٿ آيا انهن کي نه سڏايو ويو، جنهن تي جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ڏيندي چيو ته جن کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو انهن کي به طلب ڪيو ويو پر ٽي پي ايل وارن کي طلب نه ڪيو ويو جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته ڪميشن کي ٽي ايل پي جي قيادت کي طلب ڪرڻ گهرجي ها، سندن موقف سامهون اچڻ گهرجي ها. چيف جسٽس چيو ته ڪميشن جا ماڻهو آفيس مان ته نڪتا ئي ناهن، رپورٽ ويٺي ويٺي تيار ڪري ڏني وئي، پهاڪن تي پهاڪا ٺاهي رپورٽ ڏني وئي.سندس چوڻ هو ته ڪميشن ٻارنهن مئي جي ڌرڻي کي گول ڪري ڇڏيو، خبر نٿي پوي اِهي ماڻهو ڪٿان آيا، تشدد جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪهڙي پاليسي هئي؟ آءِ ايس آءِ جي ڊومين جي اِها ڳالهه ڪٿان کڻي آيا، ايڏي وڏي بااثر ماڻهو کان ڪئين سوال پڇي سگهو ٿا.هن چيو ته رپورٽ ۾ جنرل فيض جو ڪيترا ڀيرا حوالو ڏنو ويو آهي؟ لڳي ائين ٿو ته جنرل فيض کي آجو ڪرڻ لاءِ هي سڀ ڪرڻو هو، اسان ته جنرل فيض بابت نه لکيو هو، ڪميشن اختيارن فيض حميد کي ڪيترا ڀيرا طلب ڪيو؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته جنرل فيض کي هڪ ڀيرو سڏايو ويو، جنرل فيض کي سوالنامو موڪليو ويو جنهن جو جواب آيو هو. جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته موبائيل فون جو هڪ بٽڻ دٻايو ته ان سان رڪارڊنگ شروع ٿي ويندي آهي، هي ان ماڻهو کي ڪيئن آجو ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهن، فوج حڪومت جو حصو آهي، فوج ڪيئن سيڪريٽ ٿي وئي، جيڪو ڪم ڪميشن کي جيڪو ڪم ڏنو ويو اِهو نه ڪيو ويو ۽ جيڪو ڪم نه ڏنو اِهو ڪري رهيا آهن. جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ڏنا ته ڪميشن اسان کي چئي رهي آهي ته مصطفيٰ ڪيس تي نظرثاني ڪريو جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته سينيئر بيورڪريٽ کي پتو ئي ناهي ته سسٽم ڪيئن ڪم ڪندو آهي، خبر ناهي هيءَ ڪهڙي قسم جي رپورٽ آهي. چيف جسٽس چيو ته هڪ ڊي جي سي اچي ويو ته سندس اِهو مينڊيٽ ئي ناهي، هي مينڊيٽ ناهي ته پوءِ رپورٽ ۾ لکڻ گهرجي ها. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته بلوچستان ۾ امپورٽر ايڪسپورٽر جا سڃاڻپ ڪارڊ آءِ ايس آءِ جي چوڻ تي بلاڪ ڪيا ويا، هتي هو چئي رهيا آن ته اِهو سندن مينڊيٽ ئي ناهي. پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين ابصار عالم روسٽرم تي اچي چيو ته رپورٽ ۾ منهنجو به ذڪر آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيوته ابصار عالم ٻڌايو ته فيض حميد ساڻس رابطو ڪيو جڏهن ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ابصار عالم سان جنرل فيض جي رابطي جو ثبوت ناهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ابصار عالم چئي رهيو آهي ته رابطو ٿيو آهي ته ڪميشن جنرل فيض کي طلب ڪري ها، ڪميشن وارا جنرل فيض ۽ ابصار عالم کي آمهون سامهون ويهارين ها، کانئن سوال جواب ڪرائي نتيجو لکي وٺن ها، هڪ کي رد ڪري ٻئي مان ڏيڻ وارو عمل صحيح ناهي، جيڪڏهن ابصار عالم تي يقين نه هو ته کائنس سوال جواب ڪيو ها. ابصار عالم چيو ته ڪميشن سندس اڌ بيان مڃي رهي آهي اڌ نه، جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته ڪميشن ابصار عالم جو بيان حلف تي وٺي رهي آهي، جنرل فيض جو بيان ناهي وٺي رهي، جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته اسان ڪميشن جي رپورٽ منظور ناهي ڪئي، سرڪار جي مرضي آهي پبلڪ ڪري يا نه ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.