اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مشهور يوٽيوبر ۽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار اذلان شاهه پنهنجي ذاتي زندگي بابت اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي پهرين زال جي مڪمل رضامندي سان ٻي شادي ڪري رهيو آهي.
اذلان شاهه انسٽاگرام اسٽوري ذريعي پنهنجي ذاتي زندگي بابت مداحن کي ڄاڻ ڏني.
پنهنجي پوسٽ ۾ هن لکيو ته ”هڪ اهم ڳالهه جيڪا هو سڀني سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ مشهور شخصيت جي حيثيت سان مٿس فرض آهي ته پهرين پاڻ ئي اهڙي معاملي تي ڳالهائي، ان کان اڳ جو اِها ڳالهه ڪنهن ٻئي ذريعي ماڻهن تائين پهچي.“
اذلان شاهه موجب اها صورتحال هن لاءِ ٿوري عجيب آهي، پر هو ٻيهر شادي ڪري رهيو آهي ۽ سندس جي پهرين زال به ان معاملي تي مڪمل راضپو ظاهر ڪيو آهي.
هن واضح ڪيو ته جيئن ته اِهو ذاتي معاملو آهي، تنهنڪري هو چاهي ٿو سندس ڪٽنب کي ان سموري صورتحال کان پري رکيو وڃي.
ان کانسواءِ پنهنجي پيغام ۾ هن مداحن کان دعائن ۽ نيڪ خواهشن درخواست پڻ ڪئي.
ياد رهي ته اذلان شاهه 2022ع سوشل ميڊيا انفلوئنسر ڊاڪٽر وريشه جاويد خان سان شادي ڪئي هئي ۽ جنهن مان کيس هڪ نياڻي جو اولاد پڻ آهي.
You might also like