اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اداڪاره قدسيه عليءَ انڪشاف ڪيو آهي ته اڃا تائين پاڪستان ۾ اداڪارائن کي شادي وارن معاملن ۾ سنجيدگي سان نه ورتو ويندو آهي ۽ گهڻو ڪري پاڪستاني مرد ادڪارائن سان شادي ناهن ڪندا.
ويجهڙ ۾ هڪ شو دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته آزاد ۽ خودمختيار عورتن کي اڃا تائين معاشرو جنهن نظر سان ڏسي ٿو، اهو نهايت تڪليف ڏيندڙ آهي.
سندس چوڻ هو ته شوبز سان واڳيل عورتن بابت ماڻهن جا رويا اڃا تبديل نه ٿيا آهن.
هن واضح ڪيو ته 2025ع اچي ويو آهي، پر عورتن خاص طور تي اداڪارائن بابت معاشري جي سوچ اڃا ساڳي آهي.
اداڪارا چيو ته تازو هڪ همراهه دوستي کانپوءِ، شرط رکيو ته جيڪڏهن هوءَ سنجيدا تعلق چاهي ٿي ته ادڪاري ڇڏي ڏي.
قدسيه عليءَ موجب، ماڻهو عورت اسٽارز کي ڏسندا آهن، سندن واکاڻ ڪندا آهن، پر پنهنجين زندگين يا ڪٽنب جو حصو بڻائڻ کان لنوائندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته آزاد ۽ خودمختيار عورتن تي اڄ به تنقيد ڪئي وڃي ٿي ۽ کين مختلف رخن کان پرکيو ويندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته معاشرو اڃا ذهني طور تي تبديل ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي.
You might also like