پيپلز پارٽي ڳجهه ڳوهه ۾ 28هين ترميم جي حمايت ڪري چڪي آهي\نور ڪاتيار

ٺٽو(ڊ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، گھنور خان زئور، مٺا خان لاشاري، درياءَ خان زئور، مارو خشڪ، غلام علي زئور ۽ عادل لاشاري ٺٽي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چناب ندي تي نئين ڊيم جي تياري سنڌ لاءِ سنگين خطرو آهي. سنڌو تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال آبي دهشتگردي آهي. اڳواڻن چيو ته 28هين ترميم جو ڊرافٽ اچڻ کانپوءِ ڏسنداسين وارا پيپلز پارٽي جا بيان مڪر تي مبني آهن، پيپلز پارٽي امڪاني 28هين آئيني ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي ڪئنالن ۽ 27هين ترميم وارو ڊرامو ٻيهر ورجائي رهي آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي گروهي مفادن خاطر اڳ ۾ ئي ڳجهه ڳوهه ۾ 28هين ترميم جي حمايت ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.