پشاور (ويب ڊيسڪ(خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۽ اسلام آباد، راولپنڊي سميت مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 4.9 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي زمين اندر اونهائي 193 ڪلوميٽر هئي ۽ مرڪز هندوڪش جو جابلو سلسلو هو.
زلزلي جا لوڏا پشاور، سوات، بونير ۽ شانگلا سميت مهمند ۽ شبقدر ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا.
ان کانسواءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت مختلف علائقن ۾ شام ساڍي 4 وڳي پڻ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيا.
You might also like