اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ)جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ مفاهمت جو رستو ڪڏهن به بند ناهي ڪيو ۽ رابطا اڄ به جاري آهن.
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته رابطا ۽ ڳالهين کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو.
قيادت ۽ پارلياماني پارٽي جي ملاقاتن کانپوءِ پريس ڪانفرنسون پڻ ٿيون، پر جيڪڏهن مطالبن تي عمل نه ٿئي ته احتجاج روڪڻ جو مطالبو ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟
هن چيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿيندو ته حالتون ڪيئن بهتر ٿينديون؟ جمهوري معاشرن ۾ بهتري عملي قدمن سان ايندي آهي، جيڪڏهن رياست سنجيده آهي ته عملي قدم کڻي.
بئريسٽر گوهر چيو ته 27 سيپٽمبر وارو لانگ مارچ ضرور ٿيندو ۽ مڪمل طور پرامن هوندو.
هن پي ٽي آءِ باني جي خاندان ۽ ڪارڪنن بابت کنيل قدمن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته رياست کي پنهنجي قدمن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال سان رياست ۽ جمهوريت کي نقصان ٿيندو، تنهن ڪري عوام جي رستن ۾ رندڪون نه وجهڻ گهرجن.
Prev Post
You might also like