هڪ ڏينهن لاءِ پوليس آفيسر بڻيس ته قانون نه ڏسنديس، ڏوهارين کي ڦاهي ڏينديس: زارا نور عباس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ست سالن کانپوءِ وڏي پردي تي واپسي ڪندڙ اداڪارا زارا نور عباس فلم ”شيروز“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي ۽ پنهنجي ڪردار بابت پراميد آهي.
اينٿالوجي فلم ”شيروز“ ٽن مختلف ڪهاڻين تي ٻڌل آهي، جن ۾ ٽن عورتن جون ڪهاڻيون بيان ڪيون ويون آهن.
فلم جي حصي ”گيئر اپ“ ۾ زارا نور عباس مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن جي هدايتڪاري ثاقب خان ڪئي آهي.
ان ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زارا نور عباس ٻڌايو ته فلم ۾ سندس ڪردار جو نالو به زارا آهي. هوءَ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۾ هڪ اهڙي آفيسر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن جي صلاحيتن کي عورت هجڻ سبب نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته کيس خبر پوي ٿي ته ڪٿي بم رکيل آهي، جنهن کي ڊسپوز ڪرڻ سان گڏ کيس پاڻ کي به ثابت ڪرڻو آهي ته هوءَ اهو ڪم ڪري سگهي ٿي.
اداڪارا کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن کيس هڪ ڏينهن لاءِ پوليس آفيسر بڻايو وڃي ته ڇا ڪندي؟ ان تي زارا نور عباس چيو ته جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي جي سمورن ڪيسن ۾ ملوث ڏوهارين کي ڦاهي ڏئي ڇڏيندي، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته هوءَ اهو نه ڏسندي ته قانون ڇا ٿو چوي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اداڪارا مذاق ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن مشهور شخصيت کي گرفتار ڪرڻو پيو ته هوءَ پنهنجي مڙس اسد صديقي کي گرفتار ڪندي.
هن چيو ته هن وقت ته ٻئي رضا خوشيءَ سان گڏ رهن ٿا، پر ڪاوڙ ۾ به اسد کي ئي گرفتار ڪندي.
جاچ واري ڪمري ۾ ڪنهن شخصيت کي ويهاريندي؟ ان سوال تي زارا نور عباس اداڪار فهد مصطفيٰ جو نالو ورتو.
فلم ”شيروز“ آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي سئنيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.

You might also like