بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ڏيپلو پوليس هٿان بيدردي سان قتل ٿيل رمضان کوسو جي تڏي تي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ارباب امير امان الله پهچي تعزيت ڪئي، پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ارباب امير امان اللهپاران وارثن سان انصاف ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، نوجوان رمضان کوسو جي وارثن دانهيندي چيو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي ايس ايڇ او ڏيپلو بنا ڪنهن جواز جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڳڀرو نوجوان کي بي دردي سان قتل ڪيو آهي انصاف ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي ايم پي اي سردار ارباب امير امان الله چيو ته ڪير به هجي ان کي ڪڏهن به بخش نه ڪبو آئون رمضان کوسو جي وارثن سان گڏ آهيان، گهرو وزير ضياء الحسن لنجار، آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر سان رابطو ڪيو آهي ۽ فوري طور تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چيو آهي، رمضان کوسو کي قتل ڪيو ويو آهي وارثن سان انصاف ٿيندو ظلم ٿيو آهي رمضان کوسو جي وارثن سان هر ممڪن مدد ڪبي ۽ جوابدار انشاءُ الله قانون جي گرفت ۾ ايندا.