اسلام آباد/مظفرآباد(بيورو+م ڊ) اسلام آباد جي ريڊ زون مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي 6 پارليامينٽ ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ عادل بازئي، سينيٽر سيف الله نيازي، ثناءُ الله مستي خيل، ميان جمال احسن خان، داوڙ خان ۽ محمد غوث شامل آهن.وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون جاري آهن، جڏهن ته پوليس قومي اسيمبلي جي ميمبر عادل بازئي کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب حراست ۾ ورتل پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي ٽن ايم پي او تحت جهلم جيل منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيل اسيمبلي ميمبرن ۾ ميان احسن جمال ۽ ثناءُ الله مستي خيل شامل آهن، جڏهن ته سينيٽر سيف الله نيازي، غوث محمد ۽ داوڙ ڪنڊي پڻ حراست ۾ آهن.ذريعن موجب اسلام آباد مان حراست ۾ ورتل اسيمبلي ميمبرن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي 27 سيپٽمبر تي رٿيل احتجاج کان اڳ ملڪ جي سياسي ماحول ۾ شديد گرمي ۽ ڇڪتاڻ نظر اچي رهي آهي. هڪ طرف مخالف ڌر جي جماعت جي اڳواڻن پاران سخت بيان سامهون اچي رهيا آهن، ته ٻئي طرف حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.گذريل ڏينهن لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تحت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي ٽن ايم پي او تحت 30 ڏينهن لاءِ ڪوٽ لکپت جيل ۾ حراست ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.هوڏانهن خيبر پختونخوا جي ضلعي ملاڪنڊ ۾ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر شڪيل خان جي محافظ جي مبينا فائرنگ سبب ليويز جا ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. واقعي وقت اسيمبلي ميمبر جي موجودگي ۽ فائرنگ جون وڊيوز سامهون اچڻ کانپوءِ اختيارين سخت نوٽيس وٺندي ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪارروائي ۽ گرفتارين جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.سياسي محاذ تي تحريڪ انصاف خيبر پختونخوا جي صدر جنيد اڪبر جي هڪ بيان پڻ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. مردان ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي جنيد اڪبر چيو ته اسان پوئتي نه هٽنداسين، لاش ڪرندا ته نوان ماڻهو اچي ويندا، جنيد اڪبر وفاقي گادي واري شهر کي سومناٿ بڻائڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي سخت تقرير ۾ احتجاج کي هر صورت ۾ ڪامياب بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.ان بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته اسلام آباد نه سومناٿ آهي ۽ نه ئي هي شخص محمود غزنوي آهي. اسلام آباد اسلام جو قلعو ۽ وفاق جي علامت آهي ۽ حڪومت پوري طاقت سان گادي واري شهر جو دفاع ڪندي.هن سوال اٿاريو ته خيبر پختونخوا ۾ روز وهندڙ رت جو حوالو ڏيندي، ڇا طالبان انهن جا اتحادي آهن، جيڪي وڌيڪ انتشار پکيڙي رهيا آهن، ۽ ڇا 27 سيپٽمبر تي جنهن حملي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ان ۾ افغان شهري به شامل هوندا؟ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پڻ چيو ته اسلام آباد ڪنهن سياسي جماعت جي جاگير ناهي ۽ گادي واري شهر کي ٽڪراءَ جو ميدان بڻائڻ جا ارادا برداشت نه ڪيا ويندا. هوڏانهن ڪشمير ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ خواجا فاروق سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد ۾ پوليس خواجا فاروق احمد جي رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي کيس ۽ پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.ڊي ايس پي اشتياق گيلاني گرفتارين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪارروائي دوران پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.سندس چوڻ موجب پوليس جي ڪارروائي دوران خواجا فاروق احمد سميت اجلاس ۾ شريڪ ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.پاڪستان تحريڪ انصاف موجب اها ڪارروائي ان وقت ڪئي وئي، جڏهن خواجا فاروق احمد جي رهائشگاهه تي 27 سيپٽمبر تي پارٽي جي باني عمران خان جي آزادي لاءِ ڏنل احتجاج ۽ اسلام آباد طرف مارچ جي سڏ بابت صلاح مشوري جو اجلاس جاري هو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مير عتيق ٻڌايو ته اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ خواجا فاروق احمد سميت لڳ ڀڳ 15 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.