اسلام آباد (بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ قتل جي ڪيسن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ پراسيڪيوٽر جنرل کان هڪ هفتي اندر لکت ۾ سفارشون طلب ڪري ورتيون آهن.جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهيءَ ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن دير ڪئي ويندي ته جوابدار بري ٿي ويندا. سنڌ ۾ سزا جو تصور ئي ناهي، جڏهن ته قتل جي ڪيسن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير ناقابل قبول آهي.جسٽس صلاح الدين پنهوَر چيو ته سنگين ڏوهن ۾ فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ اجازت وٺڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.هن ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جوابدار بااثر هجي ته روزنامچو بند ٿي ويندو آهي ۽ فريادي اهو ئي چوندو آهي، جيڪو کيس چيو ويندو آهي. قتل جي ڪيس ۾ وڏيري جي اجازت جو انتظار ڪيو ويندو آهي. هاڻي گهڻو ٿي چڪو، هن پاليسي کي ڇڏي ڏيو.عدالت واقعي جي اطلاع ملندي ئي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ معياري طريقيڪار جاري ڪرڻ ۽ دير جي صورت ۾ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي خلاف کاتي اندر ڪارروائي جي تجويز ڏيندي سنڌ جي آءِ جي کان واضح پاليسي طلب ڪئي.ٻڌڻي دوران سنڌ جي آءِ جي چيو ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.ان تي جسٽس صلاح الدين پنهوَر چيو ته جيڪڏهن اوهان جا هٿ ٻڌل آهن ته اسان انهن کي کولڻ چاهيون ٿا. پوليس کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير جي اجازت نه هجڻ گهرجي.سپريم ڪورٽ هڪ هفتي اندر سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.