27 سيپٽمبر: سياسي ڇڪتاڻ ۽ ڳالهين جو آخري رستو

عبدالمجيد نائچ

27 سيپٽمبر ويجهو اچي رهيو آهي ۽ اسلام آباد هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ڇڪتاڻ جي مرڪز ۾ تبديل ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي. تحريڪ انصاف پنهنجي احتجاج کي عمران خان جي آزادي، سياسي حقن ۽ آئيني بالادستي جي جدوجهد قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته حڪومت امن امان جي نالي تي سخت قدمن جا اشارا ڏئي رهي آهي. ملڪ جي سياسي ماحول ۾ بيانن جي گرمي وڌي رهي آهي ۽ ٻنهي ڌرين جون نظرون اسلام آباد ڏانهن کڄيل آهن.

 اصل سوال اهو آهي ته ڇا هر سياسي مخالفت جو جواب روڊن تي طاقت آزمائي، گرفتاريون، رستا بند ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪڻ ئي رهجي ويو آهي؟ حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سياسي مخالفن کي دٻائڻ سان سياسي مسئلا ختم ناهن ٿيندا. سياسي اختلاف کي انتظامي حڪمن، گرفتاريءَ يا طاقت جي استعمال سان ڪجهه وقت لاءِ خاموش ته ڪرائي سگهجي ٿو، پر ان جي اندر موجود بيچيني ختم نٿي ڪري سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جو پهريون ردعمل ڳالهين بدران ڌمڪي، گرفتاري ۽ طاقت جو استعمال هجي ته ان سان حڪومت جي مضبوط هجڻ کان وڌيڪ ان جي سياسي پريشانيءَ جو تاثر پيدا ٿئي ٿو. رياست وٽ قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار ضرور آهن، پر رياستي اختيار جو اصل امتحان اهو آهي ته ان کي ڪيتري دانائي ۽ احتياط سان استعمال ڪيو وڃي. قانون جيڪڏهن امن قائم ڪرڻ لاءِ آهي ته ان جو استعمال سياسي فاصلا وڌائڻ لاءِ نه ٿيڻ گهرجي. پر تنقيد جو رخ رڳو حڪومت ڏانهن رکڻ به مڪمل تصوير پيش نٿو ڪري. تحريڪ انصاف کي به اهو سوال پاڻ کان ڪرڻو پوندو ته ڇا هر سياسي مخالفت جو علاج اسلام آباد ڏانهن مارچ، روڊن جي بندش ۽ طاقت جي مظاهري ۾ ئي موجود آهي؟ جيڪڏهن جدوجهد جو مقصد واقعي سياسي حقن جو تحفظ ۽ جمهوريت جي بالادستي آهي ته پوءِ ڳالهين جو دروازو مستقل طور کليل رکڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟ سياسي احتجاج جمهوريت جو حق آهي، پر اهو حق ان وقت وڌيڪ اثرائتو بڻجي ٿو، جڏهن ان سان گڏ سياسي حڪمت، تحمل ۽ ڳالهين جي گنجائش به موجود هجي.

ڪنهن به احتجاج جو اثر رڳو سياسي جلسي يا نعري تائين محدود نه رهندو آهي. جڏهن شهرن جا رستا بند ٿين ٿا ته سڀ کان پهرين عام ماڻهو رڪجي وڃي ٿو. ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو، مريض اسپتالن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا، شاگردن جون سرگرميون متاثر ٿين ٿيون ۽ روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ ماڻهو هڪ ڏينهن جي آمدني کان محروم ٿي سگهن ٿا. سياسي جماعتن لاءِ شايد اهو احتجاج جي قيمت هجي، پر عام ماڻهوءَ لاءِ اها زندگيءَ جي هڪ ٻي مشڪل بڻجي وڃي ٿي. ان ڪري سياسي جدوجهد کي اهڙي مرحلي تائين وٺي وڃڻ کان اڳ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ان جو بار آخر ڪنهن جي ڪلهن تي پوندو

اصل الميو شايد اهو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي کي ئي مسئلو سمجهي ويٺا آهن، جڏهن ته اصل مسئلو انهن جي وچ ۾ موجود سياسي اختلاف آهي. حڪومت اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سختيءَ کي سهارو بڻائي ٿي ۽ مخالف ڌر پنهنجي سياسي طاقت ثابت ڪرڻ لاءِ احتجاج کي آخري هٿيار طور استعمال ڪري ٿي. ٻنهي طرفن کان طاقت جي اهڙي مقابلي ۾ عام ماڻهو نه فاتح بڻجي ٿو، نه ئي ان جي مسئلن جو حل نڪري ٿو. هو رڳو ان سياسي ڇڪتاڻ جو متاثر ٿيندڙ ڪردار بڻجي وڃي ٿو، جنهن جو فيصلو اقتدار جي ايوانن ۽ جلسن جي اسٽيجن تي ڪيو وڃي ٿو.

عمران خان جي آزادي تحريڪ انصاف جو بنيادي سياسي مطالبو آهي. ان بابت قانوني سوالن جو فيصلو عدالتن کي قانون ۽ آئين جي دائري ۾ ڪرڻو آهي. پر ان مطالبي جي چوڌاري پيدا ٿيل سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ذميواري آهي. جيڪي معاملا عدالتن سان لاڳاپيل آهن، انهن کي عدالتي عمل تي ڇڏڻ گهرجي، ۽ جيڪي سياسي اختلاف آهن، انهن کي سياسي ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ گهرجي. هر مسئلي کي طاقت جي مقابلي ۾ تبديل ڪرڻ سان نه رڳو سياسي ماحول زهريلو ٿئي ٿو، پر ادارا به غيرضروري دٻاءَ هيٺ اچن ٿا. 27 سيپٽمبر ڪنهن هڪ ڌر جي طاقت آزمائڻ جو ڏينهن بڻجڻ بدران سياسي سمجهه جو امتحان به ٿي سگهي ٿو. حڪومت جيڪڏهن اهو سمجهي ٿي ته هر احتجاج کي طاقت سان روڪي سگهجي ٿو ته اها ملڪ جي ماضيءَ مان مناسب سبق حاصل نه ڪري رهي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سياسي اختلافن کي دٻائڻ سان اهي ختم ٿيڻ بدران ڪيترن ئي ڀيرا وڌيڪ شدت سان واپس آيا آهن. ساڳئي وقت تحريڪ انصاف جيڪڏهن اهو سمجهي ٿي ته هر ڀيري وڏو ميڙ گڏ ڪرڻ، اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ يا حڪومت کي دٻاءَ هيٺ آڻڻ سان ئي سياسي مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو ته اها به سياست کي ڳالهين بدران طاقت جي مقابلي ۾ تبديل ڪري رهي آهي.

ملڪ کي اهڙي سياست جي ضرورت ناهي، جنهن ۾ حڪومت جو مقصد مخالفن کي خاموش ڪرائڻ ۽ مخالف ڌر جو مقصد حڪومت کي ڪنهن به قيمت تي ڪيرائڻ بڻجي وڃي. اقتدار عارضي آهي، حڪومتون بدلجنديون رهن ٿيون، سياسي جماعتون اقتدار ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اينديون وينديون رهن ٿيون، پر سياسي بحرانن جا زخم سماج تي گهڻي دير تائين رهجي ويندا آهن. ان ڪري ڪنهن به سياسي ڌر کي پنهنجي موجوده طاقت کي مستقل حقيقت سمجهڻ بدران اهو سوچڻ گهرجي ته اقتدار کان پوءِ به ساڳئي سماج ۾ رهڻو آهي ۽ ساڳين ادارن سان ڪم ڪرڻو آهي.

هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت سياسي گرمي گهٽائڻ جي آهي. حڪومت کي مخالف ڌر سان ڳالهائڻ ۾ پنهنجي ڪمزوري محسوس نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڳالهين جي ميز تي ويهڻ اقتدار تان هٿ کڻڻ ناهي. ساڳئي طرح تحريڪ انصاف کي به ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ کي پنهنجي احتجاج جي نفي نه سمجهڻ گهرجي. جمهوريت جو حسن ئي اهو آهي ته سخت اختلافن جي باوجود رابطو ختم نه ٿئي. مخالف ڌر سان ڳالهائڻ جو مطلب اهو ناهي ته ان جي هر مطالبي کي قبول ڪيو وڃي، ۽ احتجاج ڪرڻ جو مطلب اهو به ناهي ته هر رستو بند ڪيو وڃي.

27  سيپٽمبر کان اڳ جيڪڏهن حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ سنجيده سياسي رابطو قائم ٿي وڃي ته شايد ڪيترن ئي خدشن کي اڳواٽ ئي ختم ڪري سگهجي. جيڪڏهن اهڙو رابطو قائم نه ٿيو ۽ صورتحال روڊن تي طاقت جي مقابلي تائين پهچي وئي ته پوءِ سوال رڳو اهو نه هوندو ته اسلام آباد ۾ ڇا ٿيو؛ وڌيڪ اهم سوال اهو هوندو ته سياسي قيادت وٽ بحران کان بچڻ لاءِ ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڇو نه هو. جمهوريت ۾ احتجاج به ضروري آهي، اختلاف به ضروري آهي ۽ حڪومت تي تنقيد به سياسي زندگيءَ جو حصو آهي. پر جڏهن ڳالهين جي جاءِ طاقت، دليل جي جاءِ نعرو ۽ سياسي اختلاف جي جاءِ دشمني وٺي وٺي، تڏهن جمهوريت جو ڍانچو ته بيٺل نظر اچي سگهي ٿو، پر ان جي روح ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿي. پاڪستان کي هن وقت ڪنهن هڪ جماعت جي فتح کان وڌيڪ سياسي شعور جي ضرورت آهي. اهڙي سياست جي ضرورت آهي، جنهن ۾ حڪومت پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ بدران سياسي اعتماد پيدا ڪري ۽ مخالف ڌر پنهنجي احتجاج جي طاقت سان گڏ ڳالهين جي سگهه به ثابت ڪري. ڇو ته آخرڪار اقتدار جا دروازا بدلجندا رهن ٿا، پر ملڪ ساڳيو رهندو آهي ۽ عوام کي هر سياسي فيصلي جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي.

 27  سيپٽمبر کان اڳ جيڪڏهن ڳالهين جو دروازو کلي ٿو ته اهو ڪنهن جي شڪست نه هوندو؛ پر جيڪڏهن اهو دروازو بند رهي ٿو ۽ سياست ٻيهر ٽڪراءَ جي رستي تي هلي ٿي ته پوءِ نقصان به ڪنهن هڪ ڌر جو نه هوندو. ڇو ته سياسي اختلاف جمهوريت کي زنده رکندا آهن، پر سياسي ضد جمهوريت کي اندر کان کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ جڏهن ڳالهين جي جاءِ طاقت وٺي ڇڏي ته پوءِ شڪست ڪنهن هڪ جماعت جي نه، سڄي سياسي نظام جي ٿيندي.

You might also like