لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تي عليمه خان کي امن امان ۾ خلل وجهڻ واري شق تحت حراست ۾ وٺي، 30 ڏينهن لاءِ ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو آهي. اها گرفتاري حڪومت جي بدحواسي ۽ 27 سيپٽمبر تي تحريڪ انصاف جي متوقع احتجاج ۽ اسلام آباد ڏانهن مارچ جي پسمنظر ۾ ڪئي وئي آهي. بدقسمتيءَ سان ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ئي ڪجهه نظر اچي رهيو آهي، جيڪو هميشه کان ملڪ جي سياسي عمل جو طريقو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو نه ملڪ ۾ ڪو مضبوط نظام قائم ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي سياسي آزاديءَ جو تصور پختو ٿي سگهيو آهي. انهن حالتن ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته اهڙي خوفزده حڪومت شديد مسئلن ۾ گهيريل ملڪ جي قيادت ڪيئن ڪري سگهي ٿي، جيڪا هڪ اهڙي مخالف ڌر جي جماعت کان خوفزده هجي، جنهن جي اڪثر قيادت جيلن ۾ بند آهي ۽ باقي رهيل قيادت به غيرفعال بڻيل آهي. جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف جا ڪيترائي اهم اڳواڻ پاڻ ۾ ريشه دوانين ۽ اختلافن سبب فعال سياسي ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهن، تنهن هوندي به حڪومت ان خوف ۾ مبتلا آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي خبر ناهي ڪيترو وڏو ميڙ ساڻ ڪري اسلام آباد ڏانهن اچي ويندو.
هن وقت ملڪ ۾ هائبرڊ طرز جو حڪومتي نظام ڪم ڪري رهيو آهي، يعني حڪومت ۽ عسڪري قيادت هڪ ئي صفحي تي آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته حڪومت کي حقيقي معنائن ۾ ڪو سياسي خطرو درپيش ناهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن احتجاج دوران ڪا اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته سيڪيورٽي فورسز پوري تياريءَ سان وقت جي حڪومت جو ساٿ ڏينديون. ان جي باوجود جيڪڏهن سرڪاري ترجمان ۽ وزير اڳواٽ ئي بدحواسيءَ جو مظاهرو ڪندا ۽ ناجائز گرفتارين ذريعي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا ته حڪومت حالتن تي مڪمل ضابطو رکي ٿي ته اهڙو رويو صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو سبب بڻجندو. ناجائز ۽ زور زبردستيءَ وارن حربن سان عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اضافو ٿيندو، جيڪو اڳ ئي پيٽروليم شين جي وڌندڙ اگهن ۽ مهانگائي سبب سخت پريشان آهي. ان سان گڏ احتجاج ڪندڙ قوتن کي به اهو تاثر ملندو ته حڪومت بدحواس ٿي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن کيس رڳو هڪ ڌڪو ڏنو وڃي ته حالتون سازگار بڻائي سگهجن ٿيون.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته تحريڪ انصاف فوج سان تڪرار سبب موجوده سياسي اڪيلائپ جو شڪار ٿي آهي. پر ان جي سموري جدوجهد جو بنيادي نڪتو اهو نظر اچي ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان شهباز شريف جي حڪومت کي ڪمزور ۽ غيرمؤثر ثابت ڪري اهو واضح ڪيو وڃي ته پاڪستان ۾ حقيقي متبادل رڳو پاڪستان تحريڪ انصاف ئي آهي. جيڪڏهن اقتدار ڌر، يعني عسڪري اسٽيبلشمينٽ، عمران خان سان سهڪار لاءِ تيار ٿي وڃي ته پارٽي به پوري سگهه سان ’ملڪ جي خدمت‘ لاءِ حاضر آهي. ستم ظريفي اها آهي ته ’حقيقي جمهوريت‘ جي نالي تي شور ڪندڙ پارٽي پاڻ ملڪ ۾ بچيل جمهوريت کي دفن ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار نظر اچي ٿي. رڳو کيس ٻي ڌر، يعني فوج، طرفان ڪنهن مثبت اشاري جو انتظار آهي. بدقسمتيءَ سان ملڪ ۾ احتجاج يا اسلام آباد تي چڙهائيءَ جو جيڪو نئون منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، ان جو بنيادي مقصد موجوده حڪومت کي ڪمزور ڪري فوج جي توجهه حاصل ڪرڻ ئي نظر اچي ٿو.
ٻئي طرف شهباز شريف ملڪ جي سياست ۾ ڊگهي تجربي جي باوجود سياسي طريقا اختيار ڪرڻ، مخالف ڌرين کي ڳالهين لاءِ آماده ڪرڻ يا سياسي تحريڪ سان جمهوري طرز عمل اختيار ڪرڻ ۾ سخت ناڪام رهيا آهن. کين يقين آهي ته جيئن ته هو سڀ کان وڌيڪ سهڪار لاءِ تيار قسم جا اڳواڻ آهن، تنهن ڪري فوج وٽ سندن ڪو متبادل موجود ناهي. جيڪڏهن هو سو غلطيون به ڪندا ته اسٽيبلشمينٽ سندن سرپرستي ڪندي رهندي. سول ۽ عسڪري قيادت جي باهمي لاڳاپن بابت ماضي جا تجربا اهو سبق ڏين ٿا ته ڪنهن به حڪومت کي مقتدر حلقن جي غيرمشروط مدد ۽ حمايت جي اميد نه رکڻ گهرجي. سياسي اڳواڻ جيڪڏهن پاڻ کي سياسي طور منظم نه ڪن ۽ عوام ۾ سندن پاڙون مضبوط نه هجن ته اهي گهڻي عرصي تائين عسڪري ڇانوَ جا فائدا حاصل نٿا ڪري سگهن. بظاهر شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) هن صورتحال کي سمجهڻ کان لاچار نظر اچن ٿا. جڏهن ته ملڪ جا ڪيترائي ’بااثر ۽ اثرائتا‘ صحافي اهي اطلاع ڏئي رهيا آهن ته شهباز حڪومت جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي. شهباز شريف يا نواز شريف اڃا تائين خطري جي اهڙين گهنٽين تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن ۽ هڪ طرفي جابراڻي حربن ذريعي پنهنجي حڪومتي اختيار کي مڃرائڻ جي ڀوڏي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ان جو سڀ کان نمايان مثال گذريل ڏينهن ملتان ۾ مريم نواز جي تقرير هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي لاءِ خريد ڪيل مهانگي جيٽ جهاز ذريعي ذاتي سفر جو دفاع ڪيو ۽ مخالفن جي تنقيد کي حقارت سان رد ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه گهرو وزير ۽ هاڻي وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله تلخ ۽ ڌمڪائيندڙ ٻولي استعمال ڪري حڪومتي پريشانيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ’لانگ مارچ وارا باز نه آيا ته چڱيءَ طرح سمجهايو ويندو.‘ طاقت جي استعمال جون اهڙيون اجايون ڌمڪيون حڪومت جي مستقبل لاءِ ڪا سٺي نشاني ناهن. خبر ناهي ملڪ جي سياست ۾ ڪيترائي ڏهاڪا گذارڻ ۽ ڪيترائي ڀيرا حڪومت ڪرڻ واري مسلم ليگ (ن) کي اها لکيل حقيقت ڇو نظر نٿي اچي. ان کان اڳ گهرو وزير محسن نقوي تحريڪ انصاف جي متوقع احتجاج بابت خبردار ڪندي چيو هو ته اسان پنهنجي فورسز کي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته جيڪڏهن مٿن گولي هلائي وڃي ته هو گوليءَ سان جواب ڏين. اهو بيان ان لحاظ کان انتهائي بي معنيٰ آهي ته گهرو وزارت جو قلمدان سنڀاليندڙ شخص پاڻ ئي مخالف سياسي جماعت بابت اهو اندازو لڳائي رهيو آهي ته اها اسلام آباد ڏانهن هٿيار کڻي ايندي ۽ فورسز تي فائرنگ ڪندي.
گهرو وزير تحريڪ انصاف کي احتجاج کان روڪڻ لاءِ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 18 سيپٽمبر واري حڪم جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ سياسي احتجاج جي حق کي تسليم ڪيو آهي، پر اها پابندي لاڳو ڪئي آهي ته احتجاج دوران ٻين شهرين جي آزادي، آمدرفت ۽ معمول جي زندگيءَ کي متاثر نه ٿو ڪري سگهجي. ساڳئي طرح سرڪاري وسيلن جي استعمال يا سرڪاري ملازمن کي احتجاج ۾ شامل ڪرڻ بابت به خبردار ڪيو ويو آهي. گهرو وزير ان فيصلي جو حوالو ڏيندي توهين عدالت جي ڪارروائيءَ جو ذڪر ڪرڻ ته ياد رکيو، پر اهو وساري ويٺو ته بنيادي طور عدالت تحريڪ انصاف جي احتجاج واري حق کي تسليم ڪيو هو. ان جي نتيجي ۾ حقيقت ۾ حڪومت تي به اها پابندي لاڳو ٿئي ٿي ته احتجاج دوران مظاهرين کي ناجائز طور تنگ ڪرڻ کان پاسو ڪري. پر حڪومت عدالتي حڪم جي ابتڙ طرز عمل اختيار ڪندي نظر اچي رهي آهي.
شهباز شريف جڏهن عمران خان جي حڪومت خلاف مخالف ڌر جي اڳواڻن ۾ شامل هئا، تڏهن هن خواهش جو اظهار ڪيو هو ته جيڪڏهن فوج کيس ان سهڪار جو ڏهون حصو به فراهم ڪري، جيڪو تحريڪ انصاف کي ڏنو پئي ويو، ته هو ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏيندا. حالتن جي ستم ظريفي ڏسو ته وقت کيس اهڙي ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو آهي، جتي هو هڪ اهڙي هائبرڊ نظام ۾ وزيراعظم آهن، جنهن ۾ فوج مڪمل طور شريڪ آهي. ان جي باوجود ملڪ جي تقدير بدلائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هو امن امان قائم ڪرڻ ۽ بنيادي سياسي شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي قابل به نظر نٿا اچن.
تحريڪ انصاف جي امڪاني احتجاج تي موجوده حڪومت جي بدحواسي ۽ سياسي مخالفن سان سندس روئي مان ائين ئي محسوس ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ مخالفن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ ۽ اختلافِ راءِ ٻڌڻ کان انڪار ڪرڻ جو طريقو ملڪ لاءِ ڪو نئون ناهي. پراڻين غلطين کي ورجائيندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته ان جو نتيجو به اهو ئي نڪرندو، جيڪو ماضي ۾ ڏٺو ويو آهي. قوم کي برائيءَ جي هن چڪر مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي، پر سياسي اڳواڻ اکيون ٻڌي ڌٻڻ ڏانهن وڌڻ تي بضد نظر اچن ٿا.