پورهيت جي سڃاڻپ فائلن ۾ قيد ڇو؟

علي احمد جروار

اسان جي سڃاڻپ بظاهر هڪ ”پورهيت“ طور آھي. اسان ان طبقي سان تعلق رکون ٿا، جنهن ۾ مختلف قبيلا، ذاتيون، قومون، ٻوليون ۽ علائقا ته الڳ الڳ آهن، پر اسان سڀني کي هڪ رشتو گڏ ڪري ٿو؛ اهو رشتو آھي پورهيت هجڻ جو۔ پورهيت پنهنجي هنر، محنت ۽ پورهئي سان دنيا کي اڳتي وڌائيندو رهيو آھي. تاريخ شاهد آھي ته دنيا جي وڏين تبديليءَ جي تحريڪن ۾ پورهيت طبقي جو ڪردار بنيادي رهيو آھي. ڪارل مارڪس، لينن، هوچي منه، فيڊل ڪاسترو، مائوزي تنگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن پورهيتن جي حقن، استحصال خلاف جدوجهد ۽ سماجي تبديليءَ جي ڳالهه ڪئي۔

پر سوال اهو آھي ته اڄ پورهيت ڪٿي بيٺو آھي؟ دنيا جڏهن ملڪن ۽ سرحدن ۾ ورهائجي وئي، تڏهن عالمي پورهيت اتحاد به ڪمزور ٿيندو ويو. پورهيت جا بنيادي حق، جيڪي ڪڏهن اجتماعي جدوجهد جو مرڪز هئا، اهي آهستي آهستي قانوني ڪتابن، سرڪاري فائلن ۽ عدالتن جي دروازن تائين محدود ٿي ويا.

پاڪستان جي آئين ۽ قانونن ۾ پورهيتن جي حقن بابت ڪيترائي اصول ۽ تحفظ موجود آهن، پر سوال قانونن جي موجودگيءَ جو ناهي؛ اصل سوال انهن تي عملدرآمد جو آھي. تعليم جو حق، صحت جو حق، محفوظ روزگار، مناسب اجورو، ڪم جي جاءِ تي تحفظ، رهائش ۽ مستقبل جي ضمانت اهي سڀ پورهيت لاءِ اڄ به وڏا سوال بڻيل آهن.

پورهيت اڄ به پيٽ لاءِ جيئي ٿو: اڄ به پورهيت صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ گهران نڪري ٿو ۽ شام تائين پنهنجي جسم جو پورهيو وڪڻي واپس اچي ٿو. هو پيٽ لاءِ ڪم ڪري ٿو. سندس ٻار تعليم لاءِ ترسن ٿا. سندس گهر علاج لاءِ پريشان آھي ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي حق لاءِ آواز بلند ڪري ته ڪڏهن بااثر ماڻهوءَ جي ڏاڍ جو شڪار ٿئي ٿو، ڪڏهن ادارن جي بي ڌيانيءَ جو ۽ ڪڏهن سياسي نعريبازين جو.

You might also like