اسلام آباد ۾ 65 هزار اهلڪار مقرر، ڪنٽينرن جي وٺ پڪڙ جاري

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي امڪاني لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ اٽڪ ۾ سيڪيورٽي جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن.ذريعن موجب، ٽنهي شهرن ۾ اضافي نفري پهچڻ شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته اهم شاهراهن تي ڪنٽينر پڻ هنگامي استعمال لاءِ تيار رکيا ويا آهن.وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 22 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب، ڳنڍيل شهر راولپنڊي ۾ 13 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته خيبرپختونخوا کي پنجاب سان ملائيندڙ اهم ضلعي اٽڪ ۾ 30 هزار اهلڪار مقرر ڪيا پيا وڃن.پنجاب جي مختلف ضلعن مان اضافي نفري اسلام آباد، اٽڪ ۽ راولپنڊي منتقل ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. امڪاني آمدرفت روڪڻ لاءِ راولپنڊي ۾ ڪنٽينرن جي پڪڙ ڌڪڙ پڻ جاري آهي.ذريعن موجب، راولپنڊي پوليس کي ساڍا ٽي سئو ڪنٽينر تحويل ۾ وٺڻ جو هدف ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي ڳنڍيل شهرن جي اهم شاهراهن جي ڪنارن تي ڪنٽينر هنگامي استعمال لاءِ تيار رکيا ويا آهن.اسلام آباد ۾ اضافي نفري جي رهائش لاءِ 100 کان وڌيڪ عمارتن جي سروي مڪمل ڪئي وئي آهي. راولپنڊي پوليس جي اهلڪارن جون موڪلون اڳ ئي منسوخ ڪيون ويون هيون.

You might also like