نوشڪي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليو ٽيم تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي تي مقرر 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
نوشڪي پوليس جي هڪ اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اهلڪارن کي نوشڪي شهر جي ڀرپاسي واري علائقي ظهر آباد ۾ نشانو بڻايو ويو.
پوليس موجب، حملي دوران عورتن تي ٻڌل پوليو ٽيم محفوظ رهي، جڏهن ته هٿياربند شهيد ٿي ويل ٻنهي اهلڪارن جا هٿيار پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
نوشڪي پوليس جي ايس پي سليم شاهواڻي موجب، واقعي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن.
وفاقي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪانسٽيبل محمد ياسر ۽ عبدالروف طور ڪئي وئي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ الله لانگو نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي آهي.
مير ضياءَ الله لانگو آءِ جي پوليس ۽ گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کان نوشڪي واقعي جي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.
You might also like