ماتلي (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جو ماتلي ڀرسان ڳوٺ عرس لغاري ڄمون باغ ۾ 27ھين آئيني ترميم خلاف، سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت لاءِ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ جشن لطيف جو جلسي ڪوٺايو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سڄي سنڌ ۾ زھريلا گٽڪا، مين پڙي، صفينا، ٺرو ۽ ٻي منشيات جا ٺيڪا اھل اقتدار جي وڏيرن حوالي آھن. سنڌ جا ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر ٽوپلا پايو وڏين گاڏين مان ڌوڙ اوڏايو مال ٺاهيندا وتن هي غدار سنڌ جي حقن لاءِ ڇو نٿا ڳالهائين، ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ڌار ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ چاھي ٿي، ڪراچي سنڌ جو روح آهي ان جي تحفظ لاءِ سنڌي ماڻهون وڙهندو ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌ جا ماڻھو ائين وڙھندا جيئن ڀيڻ ۽ ماءُ جي عزت لاءِ وڙھبو آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ھٿ وڌو ته پوءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور تائين ڏھرڪي، ميرپور ماٿيلي، گھوٽڪي تائين ھتان 7 سوُ ڪلوميٽر جيڪو روڊ آهي جنھن جي ڪلوميٽر ڪلوميٽر تي ھزارين سنڌي ھوندا بند ڪري ڇڏينداسين ان شھ رڳ جي سودي کي روڪڻ لاءِ سڄو پاڪستان، سڄي سنڌ ۽ جيڪا سنڌ جي چر پر آهي، اياز لطيف پليجو جي چوڻ تي نه سنڌ جو عام ماڻهو پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي جنهن انھن جي نياڻين ۾ ڪير ھٿ وجھي ٻچن مٿان ڪير تلوار کڻي اچي بيھي رھي ته پوءِ جيئن ماڻهو وڙھندو آهي ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌي ماڻهو ائين وڙھندو، توهان کي حيران ڪري ڇڏيندو. توهان ۽ توهان جا جيڪي مددگار اھو ڪم ڪندا اھي ياد رکن اھي پنهنجي پير تي ڪھاڙو ھڻندا جيڪو ٻج ڇٽيندا جنهن ٻج جي نتيجي ۾ غرق ٿي ويندا تباھ ۽ برباد ٿي ويندا ڪو به نه بچندو، ترميمن ذريعي سنڌ کي نشانو بڻايو ويو ته مزاحمت ڪنداسين ڪراچي يا سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڀلجي وڃو، نه ڪراچي ڇڏبي يا درياھ ممڪن ڪونهي. روز جيڪي نيون اٽڪلون سوچيو ٿا ھيئن ڪنداسين جيڪو ماڻهو اچي ٿو چوي ٿو اھڙي ڪاروائي ڪريان جو مون کي تاريخ ۾ ياد رکندا. ھي ان به سوچيو ايوب تاريخ ۾ ياد رکن ڀڇڙو ٿي لٿو، يحيٰ سوچيو ضياءُ چيو آئون ھيئن ٿو ڪريان، مشرف به مڪ پئي ڏيکاري، نواز شريف، ھر ماڻھو جيڪو اچي ٿو پوءِ ھيئن ڪنداسين، پوءِ تاريخ ۾ ياد رکيو وينداسين، تاريخ انهن ڳالهين جي ڪري ٿوري ياد رکبو تون ھيئن ڪيو، اياز لطيف پليجي چيو ته توھان چيو ھو نه ته حيدرآباد سنڌ ۾ نه آهي ويسٽ پاڪستان ۾ آهي لاڙڪاڻو ويسٽ پاڪستان ۾ آهي ون يونٽ آھي ٻه آهن ايسٽ پاڪستان ويسٽ پاڪستان پوءِ ھليو ڇا، مارشلا ضياء جي ھلي ڇا، توهان چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٿا ٺاھيون پوءِ ٺاھيو ڇا، ٻٽو نظام آڻڻ ٿي چاهيو آڻي سگھيو ڇا. ڪن ڳالهين ۾ سھڻا سائين وس ڪون ھلندو آهي، ماڻهن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪريو. ماڻهن جي ِنڙي ۾ ھٿ نه وجھو. ماڻهو جو ٻئي ڪنهن جي پير تي پير اچي ويندو تج اڳلو ماڻهو ساري ڪري اڳيان مٽي ويندو پر جيڪڏهن ڳچي ۾ گھوگھو ڏيندو ته ماڻهو وڙهي پوندو آهي، سنڌ کي تين وال نه ڪريو، سنڌ جو سودو نه ڪيو، سنڌ کي ڀڳڙن مٺ تي نه وڪرو ڪريو ائين نه ڪريو.