پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس خلاف اپيل تي حڪومت کي نوٽيس

اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس خلاف اپيل تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، وڪيل سمير کوسا موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ هن معاملي تي شروعاتي فيصلو ڏنو هو. آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جي ضابطن کي به اختيار ڪيو آهي، جنهن مطابق 5 رڪني بينچ هن نوعيت جي اپيل جي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته جيئن ته هن عدالت جي هڪ الڳ حيثيت آهي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته ججن جو انگ گهٽ يا وڌيڪ آهي، آئيني عدالت پاڻ فيصلو ڪندي ته اپيل جي ٻڌڻي ڪيترا جج ڪندا. وڪيل سمير کوسا چيو ته موجوده اپيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت داخل ڪئي وئي آهي، ۽ ساڳئي قانون تحت، رڳو لارجر بينچ کي اپيل ٻڌڻ جو اختيار آهي. جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته گهٽ ۾ گهٽ نوٽيس جاري ڪرڻ جي حد تائين ڪو به قانوني مسئلو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.