”هڪ ميچ جا 60 لک مليا“ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا وڏا انڪشاف، آءِ پي ايل جو فڪسنگ نيٽ ورڪ وائکو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر رجِت ڀاٽيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ پي ايل 2025ع جون پنج ميچون فڪس ڪيون ويون ۽ کيس هر ميچ عيوض 60 لک ڀارتي رپيا معاوضو ڏنو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جاچ اداري ”تهلڪا“ جي اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جي اسٽنگ آپريشن دوران رجِت ڀاٽيا مبينا طور آءِ پي ايل 2025ع دوران ميچ فڪسنگ بابت اهم دعوائون ڪيون.
رپورٽ موجب آءِ پي ايل دوران ٽيمن جي پليئنگ اليون بابت ڄاڻ مبينا طور لنڊن ۾ موجود سٽي بازن تائين پهچائي ويندي هئي.
رجِت ڀاٽيا مبينا طور چنائي سپر ڪنگز بابت معلومات فراهم ڪرڻ عيوض هر ميچ 60 لک رپيا وٺڻ جو اعتراف ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اِها ڄاڻ ”سنيپ چيٽ“ ذريعي لنڊن ۾ موجود بُڪين تائين پهچائي ويندي هئي ۽ 5 ميچن مان ڪُل 3 ڪروڙ رپيا حاصل ڪيا ويا.
رجِت ڀاٽيا گذريل ڊسمبر ۾ رپورٽرن کي مبينا ميچ فڪسنگ جي سرگرمين ۽ پنهنجي ڪردار بابت آگاهه ڪيو هو.
رپورٽ موجب، ڄاڻ ڏيندڙ رانديگر هڪ نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر هو، جنهن جي سڃاڻپ بعد ۾ ڪرڪيٽ صحافي پرتيش هلدر ايڪس تي ونش بيدي طور ڪئي.
ونش بيدي کي چنائي سپر ڪنگز آءِ پي ايل 2025ع جي نيلامي ۾ 55 لک رپين ۾ خريد ڪيو هو.
تهلڪا جي رپورٽ ۾ رجِت ڀاٽيا جي حوالي سان 2018-19ع جي سيد مشتاق علي ٽرافي ۾ به مبينا اسپاٽ فڪسنگ بابت دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ڪرڪيٽر مبينا طور اعتراف ڪيو ته سٽي بازن کان رقم وٺڻ عيوض ڄاڻي واڻي ٻه وائيڊ بال ڪرايا ويا.
سندس دعويٰ موجب، هڪ وائيڊ بال لاءِ 8 لک رپيا طئي ڪيا ويا هئا، جڏهن ته رنجي ٽرافي جي هڪ ٽيم ۾ جاءِ پڪي ڪرائڻ لاءِ رشوت ڏيڻ جو به ذڪر ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، مبينا سرگرمين جو دائرو بعد ۾ دهلي پريميئر ليگ تائين به وڌيو، جتي پليئنگ اليون بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ عيوض هر ميچ 40 لک رپين جي رقم جو ذڪر ڪيو ويو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان انهن الزامن تي اڃا تائين ڪو ردعمل سامهون نه آيو آهي.

You might also like