واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا وٽ هٿيارن جي کوٽ وارين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا وٽ هٿيارن جي ڪابه کوٽ ناهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا وٽ ايترو گولا بارود موجود آهي جنهن جو استعمال خود آمريڪا پڻ تصور نٿو ڪري سگهي، ۽ آمريڪا پنهنجي هٿيارن جي ذخيري کي وڌيڪ نئين ۽ اعليٰ سطح تائين وٺي وڃي رهيو آهي.