ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته 27 هين ترميم کان پوءِ، عدليه ڪمزور ٿي وئي آهي /ڏ۽ عوامي حقن کي يرغمال بڻايو ويو آهي، 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن کي مڪمل رد ڪريون ٿا ۽ 1973 جي آئين کي تباهه ڪرڻ جي هر ڪوشش جي سخت مزاحمت ڪنداسين، زمين جي بندربانٽ کان وٺي ڪارونجهر جبل کي ڪٽڻ تائين، پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت سنڌ جي حقن جي سودي ۾ ملوث آهي. ملڪ کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ بدران، خود غرض قيادت شخصي آمريت قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آئيني ترميمن کي استعمال ڪري رهي آهي، صوبائي امير پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان واضح طور تي اعلان ڪيو آهي ته اسان 26 هين ۽ 27 هين ترميم خلاف ڀرپور تحريڪ شروع ڪنداسين، دفاع وارو وزير خوف جي حالت ۾ آهي، پاڪستان ھٿان عبرت ناڪ شڪست جي اثرات جي نشاني آهي. سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ ڪڏهن به ورهائجي يا الڳ نه ٿي ٿي سگهي.