لاهور (ويب ڊيسڪ) توهينِ مذهب ڪيس ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ جنيد حفيظ جي اپيل تي لڳ ڀڳ 6 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت پراسيڪيوشن کي نوٽيس جاري ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي دليل طلب ڪري ورتا.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صادق محمود خرم ۽ جسٽس جواد ظفر تي ٻڌل بئنچ جنيد حفيظ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
ياد رهي ته جنيد حفيظ 2020ع ۾ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، جيڪا لڳ ڀڳ 6 سالن تائين ٻڌڻي لاءِ نه اچي سگهي.
سندس وڪيل سيف الملوڪ موجب، ان کان اڳ به اپيل ڪيترائي ڀيرا ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي، پر ان تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي هئي.
جنيد حفيظ جو ڪيس
راجنپور سان تعلق رکندڙ جنيد حفيظ بهاالدين زڪريا يونيورسٽي ملتان جي انگريزي شعبي ۾ وزٽنگ ليڪچرار طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته هن فل برائٽ اسڪالرشپ تحت آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم پڻ حاصل ڪئي.
2013ع ۾ سندس خلاف مذهبي دل آزاري وارا لفظ استعمال ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي مبينا طور اهڙا تبصرا ڪرڻ جي الزام ۾ توهينِ مذهب جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيس جي ٻڌڻي ملتان سينٽرل جيل ۾ ڪئي وئي.
ڪيس دوران سندس وڪيل ۽ انساني حقن جي ڪارڪن راشد رحمان کي مئي 2014ع ۾ ملتان جي آفيس ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.
ڊسمبر 2019ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪاشف قيوم جنيد حفيظ کي پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلمن 295-A، 295-B ۽ 295-C تحت ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا، عمر قيد، 10 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جون سزائون ٻڌايون هيون.
جنيد حفيظ ان فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.
ڇهن سالن کانپوءِ جنيد حفيظ جي موت جي سزا خلاف اپيل تي پهرين ٻڌڻي، پراسيڪيوشن کي نوٽيس جاري
Prev Post