اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز) وفاقي حڪومت سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سُني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن کي ٻين پارٽين کي الاٽ ڪرڻ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم تي قانون واري وزير چيو ته اهو آئين جي تشريح جو معاملو آهي، لارجر بينچ ئي حڪم جاري ڪري ها. هن چيو ته پارليامنٽ جي قانون سازي جي اختيار جي معاملي ۾ منع نامو جاري ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ها. حتمي فيصلي ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ويندو. قانون واري وزير چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز ايڪٽ تحت 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري ها، وڌيڪ مناسب هجي ها ته جيڪڏهن لارجر بينچ عبوري حڪم جاري ڪري ها. اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته چونڊيل ميمبر جي قانون سازي جو اختيار متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ احتياط ڪيو وڃي ٿو، آرٽيڪل 67 ۾ واضح آهي ته قانوني نااهلي باوجود اسيمبلي ميمبر جي قانون سازي برقرار رهي ٿو. هڪ ٻئي ريفرنس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته آرٽيڪل 67 موجب اسيمبلي ميمبر جي قانون سازي جي اهليت تي سوال نه ٿو اُٿي.