اسلام آباد ( م ڊ ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور ناليواري صحافي حامد مير جي پروگرام ڪيپٽل ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته خبر آهي ته ڪير طاقتور آهي ڪير ڊمي آهي،طاقتورن سان ئي ڳالهيون ڪنداسين،هن چي ته هاڻوڪا سياستدان غير سياسي ماڻهن تي ڪلهي تي سوار ٿي ايوانن ۾ اچڻ چاهين ٿا، اسان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ اصل حڪمراني ڪنهن جي آهي ۽ ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، هُن چيو ته وزير اعظم سان ملڻ منهنجي مجبوري آهي پر ڪي پي ڪي جي گورنر سان ملڻ جي مون کي ضرورت پيش نه ايندي. هن چيو ته هاڻ عدالتي فيصلي کان پوءِ اها اميد پيدا ٿي آهي ته اسان جون چورايل سيٽون اسان کي واپس ملنديون ۽ اهڙي طرح قومي اسيمبلي ۾ اسان اڪثريت ۾ اچي وينداسين. وزير اعليٰ ڪي پي ڪي چيو ته پنجاب حڪومت آبادگارن سان زيادتي ڪري رهي آهي پر اسان پنجاب جي آبادگارن سان مناسب اگهه تي سڌو سنئون کانئن ڪڻڪ خريد ڪنداسين. هُن اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن وفاق صوبي کي نظرانداز ڪرڻ بند نه ڪيو ۽ اسان کي پنهنجا جائز حق نه مليا ته اسان اسلام آباد ڏانهن پر امن مارچ ڪري ڌرڻو هڻندس.