سپريم ڪورٽ جا اهڙا فيصلا آيا ته جلد پي ٽي آءِ حڪومت اچي ويندي: اسد قيصر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ وزيراعظم شهباز شريف ملوث آهي. اسلام آباد ۾ محمود خان اچڪزئي ۽ ثناءُ الله بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد قيصر  چيو ته نگران حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ٺاهي آهي. هن چيو ته ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ وزيراعظم شهباز شريف ملوث آهي، ان کان پئسا ورتا وڃن. اسيمبلين ۾ پهچندڙن جا ٻار به ڄاڻين ٿا ته هو پارليامينٽ ۾ ناجائز ويٺا آهن. محمود خان اچڪزئي چيو ته چمن ۾ 190 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان ڌرڻو جاري آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر ايف سي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته آمريڪي سفير جنهن سان چاهي ملاقات ڪري سگهي ٿو، اسان ڪڏهن به ڪنهن غير آئيني ڪارروائي ۾ ملوث ناهيون رهيا. بي اين پي اڳواڻ ثناءُ الله بلوچ چيو ته بلوچستان جي 50 سيڪڙو آبادي سرحدن تي آهي، نگران دور ۾ به وسيلا ڦٻايا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.