اليڪشن ڪميشن سيٽن بابت فيصلو لا ونگ کي اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) سني اتحاد جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن فيصلو لا ونگ کي جائزي لاءِ اماڻي ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جو فيصلو اليڪشن  ڪميشن جي لا ونگ کي موڪلي ڇڏيو، لا ونگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو تفصيلي جائزو وٺندو. ذريعن موجب قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو وٺي اليڪشن ڪميشن کي رپورٽ پيش ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.