عمران جي تجويز رد، پِي اَي سِي چيئرمين لاءِ شير افضل بدران وقاص اڪرم نامزد

اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ( پِي اَي سِي ) جي چيئرمين لاءِ شير افضل مروت جي جاءِ تي نئين نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت کي هٽائڻ لاءِ عمر ايوب ۽ شبلي فراز سياسي ڪميٽي جو اجلاس سڏايو، اجلاس ۾ شير افضل مروت جو نالو واپس وٺڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي. ذريعن موجب، پي اي سي چيئرمين لاءِ شيرافضل جي حق ۾ اسد قيصر، شهريار آفريدي، شاندانه گلزار ۽ ذلفي بخاري ووٽ ڏنا جڏهن ته عمر ايوب ۽ شبلي فراز شير افضل کي هٽائڻ لاءِ وفاق اڪرم جو نالو سامهون آندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي اي سي چيئرمين لاءِ وقاص اڪرم جي نالي جي منظوري پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي ڏني. ذريعن موجب، سياسي ڪميٽي شير افضل جو نالو واپس وٺڻ واري فيصلي بابت پي ٽي آ ءِعمران خان کي آگاهه ڪندي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي ڪنهن جي ملڪيت ناهي، 3 ماڻهن کي پارٽي سنڀالڻ نه ڏيندس. شير افضل مروت چيئرمين پي اي سي بابت ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جو فيصلو سياسي ڪميٽي ڏانهن نه اماڻيو ۽ نه ئي پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو آهي. هن چيو ته سڀاڻي منهنجي تحريڪ انصاف جي سربراهه سان ملاقات آهي ۽ ان ڌانڌلي بابت کيس ضرور ٻڌائيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.