سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نوجوان کي قتل ڪري لاش لوڙهڻ واري معاملي جي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾
ڪاروڪاري جي الزام ۾ علي احمد بروهي کي قتل ڪري لاش دريا ۾ اڇلائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ۾ ايس پي هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻو پيش ٿيو .عدالت ايس ايس پي هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻي کي حڪم ڏيندي چيو ته 11مئي تائين لاش تلاش رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي .درخواستگذار نور بي بي پنهنجي وڪيل اختر جبارشيخ جي معرفت چيو ته سال ٿي ويو آهي منهنجي پٽ کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيا آهن .پوليس صرف ڪاغذي ڪاروائي ڪري رهي آهي .

علي احمد بروهي جو پاڻمرادو نوٽيس اڳوڻو چيف جسٽس سنڌ ورتو هو .

  1. پي آءِ اي جي نجڪاري ۾اڳڀرائي، ايس اي سي پي ري اسٽرڪچرنگ اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ )  قومي ايئر لائنز جي نجڪاري جي معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج
ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) پي آءِ اي جي بحالي واري اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي.  نجڪاري ڪميشن موجب پي آءِ اي جي نجڪاري جي رٿابندي جي منظوري 3 مئي تي ڏني وئي هئي ۽ ان بابت اسٽاڪ مارڪيٽ کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. ڪميشن وڌيڪ ٻڌايو ته آرگنائيزيشن اسڪيم ۾ سمورا اثاثا پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني کي منتقل ڪيا ويا، ناڻي ۽ نجڪاري واري وزارت کي نجڪاري ۾ اهم قانوني اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. جاري ڪيل بيان ۾ نجڪاري ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسڪيم آف آريجمينٽ لاءِ ناڻي ۽ ايوي ايشن واري وزارت سان صلاح مشورا ڪيا ويا آهن، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، سينٽرل ڊيپوزٽري ۽ نيشنل ڪليئرنگ ڪمپني کي به باضابطا آگاهه ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هولڊنگ ڪمپني جا قاعدا ۽ ضابطا آسان ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.